اسلام آباد -19 آڪٽوبر (اي پي پي) نجڪاري واري وفاقي وزير محمد ميان سومرو چيو آهي ته پياري نبي ڪريم حضرت محمد صلي ا??له عليه وسلم جن جي سيرت مبارڪ ا??له تعاليٰ جو اسان لاءِ تمام وڏو انعام آهي جنهن جو شڪر ادا ڪرڻ به وڏي سعادت آهي.
هن جشن عيد ميلاد النبي صلي ا??له عليه وسلم جن جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ مسلم امت کي رحمت اللعالمين صلي ا??له عليه وسلم جن جي يوم ولادت جون مبارڪون ڏيندي چيو ته اڄوڪ?? ڏينهن ان ڳالهه جي تقاضا ڪري ٿو ته نبي ڪريم صلي ا??له عليه وسلم جن جي سيرت کي عملي طور تي اپنايون، ڪمزورن، غريبن ۽ بي سهارا ماڻهن سان شفقت ۽ محبت رحمت اللعالمين صلي ا??له عليه وسلم جن جو درس آهي.
انساني تاريخ ۾ ڪامل، قابل ۽ تقليد هستي پاڻ ڪريم صلي ا??له عليه وسلم جن جي ذات مبارڪ آهي. حضور پاڪ صلي ا??له عليه وسلم جن جي اطاعت ۽ پيروي کي هر سطح تي نافذ ڪرڻ ۾ ئي ڪاميابي آهي.