لنڊن – 27 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي چيو آهي ته ڪشمير مسئلي جي حل کانسواءِ ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگه?? مدي واري امن جو خواب ڪڏهن پُورو نٿو ٿي سگ??ي. ??ها ڳالهه هن لنڊن ۾ ڪشمير سان تعلق رکندڙ مشهور برطانوي پاڪستاني اڳواڻن سان ملاقات دوران چئي. پرڏييه وزير والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جاري انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي اجاگر ڪرڻ ۽ ڪشميرين جي جائز حق ”خودمختياري واري حق“ کي حاصل ڪرڻ لاءِ موثر آواز بلند ڪرڻ جي حوالي سان برطانوي پاڪستانين جي ڪردار کي ساراهيو ۽ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي قابض فوج پاران جاري انساني حقن ۽ عالمي قانونن جي سنگين خلاف ورزين کان شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن سميت عالمي سطح تي کڻڻ جي حوالي سان پاڪستان جي مسلسل ۽ اڻٽر ڪوششن کان آگاهه ڪيو. هن چيو ته حڪومت پاڪستان تازو ئي ٺوس ثبوتن تي ٻڌل هڪ ڊوزيئر جوڙيو آهي، ??ن ڊوزيئر ۾ ڀارتي قابض فوج جي سنگين جنگي ڏوهن جا تفصيل شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پارليامينٽ ۾ والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال جي حوالي سان ”مباحثي?? جو انعقاد خوش آئنده آهي، ??رطانوي پارليامينٽ ۾ ٿيندڙ ان مباحثي هڪ دفعو بيهر والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي دنيا جي سامهون بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي، مخدوم شاهه محمود قريشي چيو ته برطانوي پاڪستاني ڪميونٽي، هٿين خالي ڪشميرين تي ٿيندڙ ڀارتي ظلمن ۽ انساني حقن جي خلاف ورزين کي منظر عام تي آڻڻ ۾ پنهنجو ڀرپور ڪردار ادا ڪري. هن ڪشميري قيادت کي خاطري ڪرائي ته پاڪستان ڪشميرين جي خودمختياري واري حق لاءِ جدوجهد، جي مڪمل سياسي، ??خلاقي ۽ سفارتي حمايت جاري رکڻ لاءِ پرعزم آ??ي. ??نيا کي اهو ڄاڻي وٺڻ گهرجي ته جيستائين ڪشمير مسئلي کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميرين جي امنگن موجب منصفاڻي طور تي حل نٿو ڪيو وڃي، ??يستائين ڏکڻ ايشيا ۾ ڊگهي امن جو خواب ڪڏهن شرمنده تعبير نٿو ٿي سگهي.