اسلام آباد – 20 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آه?? ته ڀڳوڙن ۽ ڪرپشن جي بي تاج بادشاهن جا ترجمان ڪوڙ جي مقابلي ۾ هڪٻئي تي برتري حاصل ڪرڻ ۾ لڳل آه??، قومي خزاني کي بي دردي سان لٽڻ، مني لانڊرنگ ۽ جعلي اڪائونٽس انهن جو ??يوو آه??، پيپلزپارٽي ۽ ن ليگ جي حڪومت جي دور ۾ ٽي ڀيرا ملڪ ڏيوالي ٿيڻ جي چائنٺ تي پهتو، ٻاهرين ملڪ قرضن جو ??نياد به ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي رکيو، هميشه چور رستي تان اقتدار جي عا??ت، ٺپا لڳائڻ، ٺپا چوري ڪرڻ ۽ چونڊ عملي کي اغوا ڪرڻ وارن کي اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين جو نظام ڀائين نٿو پوي. مريم اورنگزيب ۽ شيري رحمان جي بيانن تي پنهنجي رد عمل ۾ مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته پي ٽي آءِ فارن فنڊنگ ڪيس ۾ 40 هزار ڊونرز جي ڊيٽا ۽ 16 واليم جمع ڪرايا، پنجن سالن کان ن ليگ ۽ پيپلزپارٽي پنهنجي فارن اڪائونٽس تائين پهچ ۾ رڪاوٽون وجهي رهي آه??، قوي امڪان آه?? ته انهن ٻنهي پارٽين پارٽي اڪائونٽس کي مني لانڊرنگ لاءِ استعمال ڪيو هوندو ان لاءِ اسان کي پهچ نه ڏئي رهيا آه??. هن چيو ته پي ايم ڊي اي تي سڀني لاڳاپيل ڌرين جا خدشا ختم ڪنداسين، ماضي ۾ بنا ڪنهن مشاورت جي رات پيٽ ۾ قانون ٺهي ويندا هئا، اسان قانون ٺاهڻ کان پهرين لاڳاپيل ڌرين سان مشاورت جو ??نياد رکيو آه??.