اسلام آباد – 30 – سيپٽمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عورتن کي خوفزده ڪرڻ جي خلاف تحفظ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته دنيا ۾ انصاف تي ٻڌل معاشرا ئي ترقي ڪندا آهن، پاڪستان ۾ به اجتماعي ڪوششن سان اهڙو معاشرو ??وڙي سگهجي ٿو، محتسبين جي منصفاڻي فيصلن جي نتيجي ۾ سائلن خا?? طور عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي جي حو??لي سان حو??لا افزائي ٿيندي، ان حو??لي سان ڀرپور آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي،
هو ايوان صدر ۾ حراسمينٽ جي خا??مي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ حراسيت جي خلاف تحفظ ۽ عورتن جي جائيداد جي حقن جي مناسبت سان هڪ سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو، وزيراعظم جي سماجي تحفظ ۽ غربت جي خا??مي واري خا?? مددگار ڊاڪٽر ثانيه نشتر حراسيت جي خا??مي بابت وفاقي محتسب ڪشمالا طارق گڏيل قومن جي اداري يو اين ويمن جي سربرهه شرميلا رسول به تقريب کي خطاب ڪيو، تقريب ۾ غير ملڪي سفارتڪارن، مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ۽ ٻين نمايان شخصيتن شرڪت ڪئي، صدر عورتن کي هر قسم جي حراست کان تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ انهن کي وراثت جا حق فراهم ڪرڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو ته تاريخي لحاظ کان دنيا جي سڀني معاشرن ۽ خا?? طور تي اولهه ۾ عورتن جا حق غصب ڪيا ويندا رهيا آهن، پر اسلام 1400 سال اڳ عورتن جي عزت ۽ تڪريم سان گڏ انهن جي حقن جي تحفظ جي ضمانت ڏني هئي.
هن چيو ته عورتون فڪري صلاحيتن جي لحاظ کان ڪنهن به طرح ڪمزور نه آهن، تعليم ۽ شعور سان عورتن جي لاءِ اڳتي وڌڻ جا موقعا وسيع ٿيا آهن، صدر چيو ته عورتون پنهنجي صلاحيتن جي ڪري معاشري ۾ پنهنجي جاءِ ٺاهي آهي جيتوڻيڪ انهن کي هاڻي به معاشرتي تعصب درپيش رهندا آهن، هن حراسمينٽ جي خا??مي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽري جي ڪردار کي ساراهيندي چيو ته عورتن کي ان حو??لي سان به ڀرپور آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي ته جيئن هو پنهنجي خلاف ڪنهن به قسم جي نامناسب روين جي خا??مي ۽ پنهنجي حقن جي تحفظ لاءِ ان جي خدمتن ??ان فائدو وٺي سگهن. هن چيو ته عورتن کي هر شعبي ۾ اڳتي آڻڻ جي لاءِ انهن کي مڪمل تحفظ جي خا??ري ڏيارڻ ضروري آهي.
صدر معاشرتي براين کي روڪڻ لاءِ قانون جي موجودگي، ان تي عملدرآمد، سزا ۽ جزا جي صورتحال ۽ معاشرتي رد عمل جي اهميت کي اجاگر ڪيو ۽ چيو ته ان حو??لي سان شعور ۽ مڪمل آگاهي پيدا ڪرڻ جي ضرورت آهي، هن ميڊيا ۾ معاشرتي ڪمزورين جي عڪاسي سان گڏوگڏ سٺي قدرن ۽ رويتن کي فروغ ڏيڻ تي زور ڏنو. صدر عارف علوي سڀني محتسبن تي زور ڏنو ته هو جيترا سٺا فيصلا ڪندا اوترو ??ي شهرين ۽ خا?? طور تي عورتن کي پنهنجي شڪايتن جي ازالي لاءِ انهن سان رجوع ڪرڻ جي حو??لي سان حو??لا افزائي ٿيندي.
ان موقعي تي حراسمينٽ جي خا??مي بابت وفاقي محتسب سيڪريٽريٽ جي ڪمن جي باري ۾ ڊاڪٽيومينٽري جڏهن ته مختلف شعبن ۾ عورتن جي خدمتن کي خراج تحسين پيش ڪرڻ لاءِ ٽيبلو به پيش ڪيو ويو.