اسلام آباد – 15 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان لاڳاپيل کاتن کي هدايت ڪئي آهي ته س??اح??ي ماڳن تي ٽورسٽ ريزرٽ ۽ عالمي معيار جا هوٽل قائم ڪندڙن لاءِ حڪومت پاران سهولتن سميت ٽيڪسن ۾ ڇوٽ تي ٻڌل تجويزون پيش ڪيون وڃن ته جئين انهن کي ج??د کان جلد حتمي شڪل ڏئي سگهجي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ س??اح?? بابت نيشنل ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم عمران خان اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته ملڪ ۾ س??اح?? جا بي شمار پوٽينشل موجود آهي، ضرورت ان ??ال??ه جي آهي ته ان پوٽينشل کي مڪمل طور تي استعمال آندو وڃي ۽ س??اح??ي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بڻايو وڃي، وزيراعظم جهلم ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ واقع ريسٽ هائوسز ۽ ٻين تاريخي ماڳن جو ذڪر ڪندي چيو ته انهن عمارتن جي بحالي لاءِ پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ ماڊل کي استعمال ۾ آندو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئي ته س??اح?? جي حوالي سان التوا ۾ پيل معاملن کي ترجيحي بنيادن تي حل ڪيو وڃي، وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته س??اح?? جي شعبي ۾ تمام گهڻا موقعا موجود آهن جنهن کي استعمال ۾ آڻڻ جي ضرورت آهي، س??اح??ي ماڳن تي عالمي معيار جي سهولتن کي يقيني بنايو وڃي. اجلاس ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل ۽ لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين شرڪت ڪئي، اجلاس ۾ خيبرپختونخوا جي وڏي وزير محمود خان ۽ ٻين صوبائي عملدار به وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيو. اجلاس ۾ سڄي ملڪ جي س??اح??ي ماڳن جي فروغ لاءِ کنيل قدمن جو جائزو ورتو ويو. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ چار س??اح??ي ماڳن لاءِ س??اح?? جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۽ مينيجمينٽ لاءِ عالمي اداري جون خدمتون حاصل ڪيون ويون آهن، اهڙي طرح خيبرپختونخوا ۾ به چار انٽيگريٽد ٽورازم زونز جي ماسٽر پلان جو مسودو تيار ڪيو ويو آهي جنهن کي حتمي شڪل ڏني پئي وڃي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته پنجاب صوبي ۾ س??اح?? جي حوالي سان ذيلي قانون ۽ ريگوليشنز کي حتمي شڪل ڏئ?? وئي آهي ۽ جلد ان جو لاڳو عمل ۾ آندو ويندو جڏهن ته خيبرپختونخوا ۾ ان جو لاڳو عمل ۾ آندو پيو وڃي. وزيراعظم کي اٽڪ ۽ بالا حصار قلعي کي س??اح??ي مرڪز بڻائڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏن?? وئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته س??اح??ي ماڳن تي ايئر سفاري سروس جاري ڪرڻ لاءِ سول ايوي ايشن پاران پنهنجي قاعدن ۾ ترميم ڪئ?? وئي آهي ۽ ان جي نتيجي ۾ نجي شعبي جي لاءِ بي شمار موقعا پيدا ٿي چڪا آهن. اجلاس کي مختلف س??اح??ي ماڳن لاءِ ڊيسٽينيشن مينيجمينٽ پلان جي تياري جي حوالي سان هن وقت جي اڳڀرائي تي به بريفنگ ڏن?? وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته س??اح?? جي فروغ لاءِ چئني صوبن ۾ سينٽر لائزڊ ٽورازم ويب سائيٽ مڪمل طور تي فعال آهي، گورنمينٽ ريسٽ هائوسز ۽ گورنر هائوسز کي عوام جي لاءِ دستياب ڪرڻ جي حوالي سان اڳڀرائي تي بريفنگ ڏن?? وئي.