اسلام آباد – 23 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي ??اغب ڪرڻ تي ??اص ڌيان ڏنو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن دبئي ۾ م??عق?? ٿيندڙ ايڪسپو 2020ع ۾ پاڪستان جي شرڪت ۽ ان حوالي سان ڪيل تيارين بابت جائزه اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين، وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود، وزيراعظم جي ??اص معاون ڊاڪٽر شهباز گل، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، چيف ايگزيڪيوٽو ڊيولپمينٽ اٿارٽي ۽ ٻين سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئ??. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته عالمي ايڪسپو ۾ پاڪستان جي ڀرپور شرڪت سان جتي عالمي برادري کي پاڪستان جي مختلف رخن کان روشناس ڪرايو ويندو اتي واپار ۽ سيڙپڪاري جون نيون راهون کلنديون. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته ايڪسپو پهرين آڪٽوبر 2021ع کان شروع ٿيندو جيڪو 6 مهينا مسلسل جاري رهندو. اجلاس ۾ وزيراعظم کي پاڪستان پويلين ۽ ان جي مختلف حصن بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. وزيراعظم عمران خان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ايڪسپو دوران پاڪستان ۾ موجود سيڙپڪاري جي ڪيترن ئي موقعن کي ??جاگر ڪرڻ تي ??اص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم چيو ته راوي ريور پراجيڪٽ، سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ جهڙن منصوبن سان گڏوگڏ خيبرپختونخواهه ۽ اترين علائقن ۾ سياحت، ملڪي معدني وسيلن، آءِ ٽي ۽ مذهبي سياحت جي فروغ ۽ انهن شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري کي ??اغب ڪرڻ تي ??اص ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم هدايت ڪئ?? ته گلگت بلتستان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير سميت سمورن صوبن جي متحرڪ شموليت سان ايڪسپو دوران اهم صوبائي منصوبن کي ??جاگر ڪيو وڃي. وزيراعظم سمورين صوبائي حڪومتن کي ??يڪسپو جي حوالي سان تيارين کي ??لد کان جلد حتمي شڪل ڏيڻ جي پڻ هدايت ڪئ??.