اسلام آباد – 25 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سبي، بلوچستان ?? ايف سي جي پيٽرولنگ پارٽي تي دهشتگرد حملي جي مذمت ڪندي چيو آهي ته پاڪستاني قوم دهشتگردي جي خلاف جن ۾ سيڪيورٽي فورسز سان گڏ آهي. هتي ايوان صدر مان جاري هڪ بيان ۾ صدر چيو ته پاڪستاني قوم ۽ سيڪيورٽي فورسز دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ وڏيون قربانيون ڏنيون آهن، قوم جي خاطر جانين جو نذرانو پيش ڪندڙ جوانن کي ياد رکيو ويندو.