اسلام آباد – 17 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان پاڻي جي کوٽ ۽ وڏن شهرن ۾ ويسٽ واٽر ٽريٽمين?? پلانٽس جي اهميت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڻي جي کوٽ کي پورو ڪرڻ ۽ واٽر ٽريٽمين?? پلانٽس جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جو استعمال اڻٽر آهي. وزيراعظم ??في?? جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن را??ي اربن سٽي ۽ سينٽرل بزنس ڊسٽرڪٽ منصوبي تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت ترين، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جو چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر، سي اي او را??ي اربن ڊولپمينٽ اٿارٽي عمران امين، وائيس چيئرمين ايل ڊي اي ايس ايم عمران ۽ سينئر ??في??ر شريڪ هئا، اجلاس ۾ ٻنهي اهم منصوبن ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سيفائر بي ۾ ترقياتي ڪم ايندڙ هفتي ڪنٽريڪٽ جاري ڪرڻ کانپوءِ جلد شروع ڪيو ويندو، انڊسٽريل زون جي حوالي سان منظوري جو عمل به جون ۾ مڪمل ٿي ويندو جنهن کانپوءِ انفرااسٽرڪچر جي تعمير جو ڪم شروع ڪيو ويندو. را??ي سٽي ۾ اقرا يونيورسٽي، يو ايم ٽي ۽ آءِ ايس سي پنهنجا ڪيمپسز قائم ڪنديون. اقرا يونيورسٽي پنهنجي ڪيمپس سان گڏوگڏ اسپتال جي تعمير ۾ به دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، اجلاس کي را??ي سٽي ۾ واسا جي ٽن واٽر ٽريٽمين?? پلانٽس جي منتقلي ۽ ويسٽ واٽر ٽريٽمين?? جي لاءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعما تي به بريفنگ ڏنيو ئي، شرڪت ڪندرن جڊيشل واٽر ڪميشن پاران انوائرنمنٽل پروٽيڪشن ايجنسي کي را??ي سٽي منصوبي لاءِ منظوري جي عمل کي جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايتن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو ويو.