اسلام آباد – 19 جون (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان واضح ڪيو آهي ته پاڪستان افغانستان مان آمريڪي خوج جي ??ڪرڻ کانپوءِ سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي ??اءِ آمريڪا کي پنهنجي سرزمين استعمال ڪرڻ جي ??رگز اجازت نه ڏيندو. اها ڳالهه هن آمريڪي ٽيليويزن کي هڪ انٽرويو ۾ چئي جيڪو اڄ آچر ڏ??نه?? شام 6 وڳي نش?? ڪيو ويندو. وزيراعظم عمران خان کان ”ايگزياس آن ايڇ بي او“ ۾ جوناٿن سوان سوال ڪيو ته ڇا توهان آمريڪي حڪومت جي القاعده، آءِ ايس آءِ ايس يا طالبان جي خلاف سرحد پار دهشتگردي جي خاتمي جي ڪاررواين جي ??اءِ پاڪستان ۾ سي آءِ اي جي ??وجودگي جي اجازت ڏيندا؟ جنهن تي وزيراعظم عمران خان چيو ته بلڪل نه، اسان پاڪستاني سرزمين تان افغانستان ۾ ڪنهن به قسم جي ڪارروائي يا ا??ا ڏيڻ جي ??رگز اجازت نه ڏينداسين. انٽرويو ڪندڙ حيران ٿي پنهنجو سوال ورجايو ۽ پڇيو ته ڇا توهان اها ڳالهه سنجيدگي سان چئي رهيا آهيو جنهن تي وزيراعظم واضح ڪري ڇڏيو ته پاڪستان قطعي طور ان جي اجازت نه ڏيندو.