اسلام آباد – 19 – مارچ (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آهي ته ٽائمز هائير ايجوڪيشن تحت اڀرندڙ معيشتن جي ??ون??ورسٽين ۾ 150 هين پوزيشن حاصل ڪرڻ عبدالولي خان ??ون??ورسٽي مردان جي هڪ واکاڻ جوڳي ڪاميابي آهي، ??ون??ورسٽي جي پنهنجي قيام جي ٿوري عرصي ۾ اهو اعزاز حاصل ڪرڻ ??ون??ورسٽي جي انتظاميه، استادن ۽ شاگردن جي شوق ۽ مح??ت جو ثبوت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن عبدالولي خان ??ون??ورسٽي جي وائس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر ظهور الحق ۽ سندس ٽيم سان هڪ ملاقات ۾ ڪيو. هن ??ون??ورسٽي جي وائس چانسلر، استادن ۽ شاگردن کي ان ڪاميابي تي مبارڪباد به ڏني. اسپيڪر اسد قيصر چيو ته صنعتي ترقي ڪنهن به قوم جي معاشي خوشحالي ۽ ڪاميابي جي ڪنجي آهي. هن چيو ته سي پيڪ تحت قائم ٿيندڙ صنعتي منصوبن جي مڪمل فعال ٿيڻ سان پاڪستان خاص طور تي خيبرپختونخوا صوبو معاشي ترقي جي راهه تي گامزن ٿيندو. هن چيو ته ان سلسلي ۾ عبدالولي خان ??ون??ورسٽي جو ڪردار اهم هوندو. هن ملڪ کي درپيش معاشرتي، معاشي، سائنسي ۽ ٽيڪنيڪي معاملن تي تحقيق جي فروغ لاءِ ريسرچ جي بهترين سهولتن جي فراهمي لاءِ پنهنجي هر ممڪن تعاون جي خاطري ڪرائي.