اسلام آباد – 16 آڪٽوبر (اي پي ??ي) وزيراعظم عمران خان گذريل ڏينهن دهشتگردي جي ٻن بزدلاڻن واقعن ۾ سيڪيورٽي اهلڪارن جي شهادت تي تعزيت ۽ شهيدن جي بلند درجن لاءِ دعا ڪئي آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته منهنجون دعائون ۽ سموريون همدرديون گذريل ڏينهن دهشتگردي جي بزدلاڻي ڪاررواين ۾ شهادت ماڻيندڙ 6 فوجي جوانن سميت 20 اهلڪارن ۽ انهن جي وارثن سان آهن، پوري ق??م پنهنجي فوج جي پٺيان بيٺل آهي جيڪا پاڪستان جي دفاع ۽ ان جي سل??متي لاءِ پنهنجي جانين جو نذرانو پيش ڪري رهي آهي.