اسلام آباد – 02 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پاڪستان کي در??يش توانائي جي چئلينجن کي حل ڪرڻ جي لاءِ جامع حڪمت عملي اختيار ڪرڻ جي ضرورت آهي، ايڪسپلوريشن ا??نڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم لاڳو ڪرڻ س??ن تيل ۽ گئس جي ذخيرن مان گهٽ لاڳت ۾ فائدو حاصل ڪري سگهجي ٿو جڏهن ته قومي ??زاني تي پيل بار کي گهٽ ۽ عوام کي سستي اگهن تي تيل ۽ گئس جي فراهمي ??ه ممڪن ٿي سگهندي. هو هتي ملڪ ۾ تيل ۽ گئس جي در??افت ۽ پيداوار ۾ اضافي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. وفاقي وزير عمر ايوب خان، شبلي ??را??، خاص مددگار نديم بابر ۽ سنيئر آفيسر به اجلاس ۾ شريڪ ٿيا، وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب پيٽروليم واري سيڪريٽري اجلاس کي ايڪسپلوريشن ا??نڊ پروڊڪشن مينيجمينٽ سسٽم جي حوالي س??ن تفصيلي بريفنگ ڏني.