ڪراچي – 21 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سمورن بئنڪن کي معذور ماڻهن جي ڪوٽا تي عملدرآمد، کين تربيت ۽ نوڪرين جي فراهمي يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. صدر بئنڪن جي سي اي اوز ۽ صدرن سان ملاقات ڪئي. هن چيو ته معذور ماڻهو گهڻا محنتي هوندا آهن، ادارن کي گهرجي ته هو معذور ماڻهن ۽ عورتن جي حوصلا افزائي ڪن، حڪومت اهڙن ماڻهن کي اڪليو نٿي ڇڏي سگهي، خصوصي ماڻهو معاشري جو خصوصي حصو هوندا آهن، بئنڪ مالي ?? ڀلائي جي پروگرامن جي ذريعي انهن جي مدد ڪن، بئنڪن کي حڪومت طرفان خصوصي ماڻهن لاءِ مختص ڪوٽا تي عملدرآمد ڪرڻ گهرجي.