اسلام آباد– 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هندو برادري کي ”هولي“ جي ڏڻ جي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن، ثق??فتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان ??ڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف هولي جي خوشي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ??ه آئون پوري دنيا خاص طور تي پاڪستان ۾ رهندڙ هندو برادري جي ماڻهن کي رنگن جي ڏڻ ”هولي“ جي خوشي جي موقعي تي مبارڪباد ڏيان ٿو، اسان کي فخر آهي ته پاڪستان مختلف عقيدن، نسلن ۽ ثق??فتن ۽ زبانن جو حسين امتزاج آهي، اچو اسان ??ڀ گڏجي ملڪي ترقي ۽ خوشحالي جي گڏيل هدف جي لاءِ ڪم ڪريون. وزيراعظم چيو ??ه آئون دعا ڪريان ٿو ته بهار جي موسم جو اچڻ اسان سڀني جي لاءِ ??ئي?? شروعات، اميد ۽ خوشي جو پيغام ثابت ٿئي.