GAMES Catalog
10 Mahjong 2 Player 2048 3d Mahjong Addition Adventure Time Alien Alphabet Animal Apple & Onion Arcade Archery Art B& W Mahjong Barbie Base Defense Baseball Basketball Batman Battleship Beat Em Up Ben 10 Bike Bingo Blackjack Board Games Boat Bowling Boxing Breaker Brick Breaker Bubble Shooter Bugs Bunny Bunnicula Car Card Cartoon Cat Chain Reaction Chess Chhota Bheem Christmas Clarence Classic Clicker Color Coloring Comics Connect 3 Connect the Dots Cooperative Cowboy Craig of the Creek Crash & Bernstein Cricket Cross the Road Crossword Darts Dennis & Gnasher Descendants Destruction Dice Digging Disney Division Dog Dominoes Dora Drawing Dress Up Driving Easter Education Environmental Escape Exclusive Fairly OddParents Fighting Filling Find Differences Fishing Flappy Bird Floogals Flying Food Football Freecell Solitaire Frozen Fungies Funny Gambling Gamer's Guide Geography Geometry Girl Golf Golf Solitaire Grabber Mahjong Grizzy & the Lemmings Gumball Gun Halloween Hand Drawn Health Helicopter Henry Danger Hexjong Hidden Object Hockey Holiday Idle Independence Day Inspector Gadget Isometric Jigsaw Puzzles Jumping Kids Kindergarten Klondike Solitaire Knife Throwing Knight LEGO Logic Looney Tunes Loud House Mahjong Mahjong Connect Mahjong Sequence Mahjong Slide Mahjong Solitaire Mao Mao Master Moley Math Maze Maze Attack Memory Merge Mighty MagiSwords Minesweeper Mobile Motorcycle Movie Mr. Bean Multiplication Muppets Music Neon New Years Ninja Nonograms Numbers Parking Path Making Pattern Penn Zero Phonics Physics Pin Pull Pinball Pirate Pixel Platform Plumber Poker Police Pool Powerpuff Girls Preschool Puzzle Pyramid Solitaire Quiz Racing Ragdoll Reading Regular Show Religious Rotate Puzzle RPG Running Rusty Rivets Sandbox Sanjay & Craig Science Scooby Doo Shooting Simulation Skateboard Slicing Slide Puzzles Slots Smurfs Snake Snow Soccer Sofia the First Sokoban Solitaire Sorting Space Spelling Spider Man Spider Solitaire SpongeBob Sports St Patrick's Day Stacking Star Star Wars Steven Universe Stickman Strategy Subtraction Sudoku Survival Swimming Sword Taffy Tangram Tank Tap Teen Titans Go Tennis Tetris Thanksgiving TMNT Tom & Jerry Tower Mahjong Traffic Management Train Transformers Tripeaks Solitaire Triple Mahjong Truck Tycoon Typing Uncle Grandpa UniKitty Valentine's Day Victor & Valentino Viking Wacky Races Water Watermelon We Bare Bears Wizard of Oz Word Word Search Zombie
گیم کی معلومات
نیا بونس سلاٹ گیم بڑا انعام کیسینو خوش قسمت انعام اسپن روزانہ انعام کے ساتھ کھیلیں بڑا خزانہ جیتیں ٹاپ انعام جیک پاٹ مقبول نئے سلاٹ گیم مشہور ایڈونچر گیم مفت سلاٹ کا تجربہ سلاٹ گیمز مفت سلاٹ مشین آن لائن جوا کیسینو کھیل بہترین سلاٹ گیمز جیک پاٹ جیتیں گیمز ڈاؤن لوڈ کریں موبائل کیسینو گیمز نئی سلاٹ مشین انعامات کے ساتھ کھیلیں سمندری ڈاکو خزانہ گیم

وزيراعظم شهباز شريف ۽ ترڪ صدر رجب طيب اردوان جي گڏيل پريس ڪانفرنس، ٻطرفي تعاون کي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ عزم جو ورجاءُ

image

انقره – 01 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ بهترين ٻطرفن لاڳاپن کي مختلف شعبن ۾ ٻطرفي تعاون جي نئين بلندين تائين پهچائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم کي ورجائيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل تاريخ ۽ مقصدن تي ٻڌل آهن ۽ اهي لاڳاپا نسل در نسل جاري رهندا، پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ ويجهي دوستي ۽ تعاون کي وڌيڪ مضبوط بڻايو ويندو، سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ اعليٰ سطحي اجلاس منعقد ٿيندو جڏهن ته پاڪستان ترڪ صدر جي سيپٽمبر ۾ دوري جو به منتظر رهندو، جنهن سان ٻنهي ملڪن کي پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو موقعو ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هنن ملاقات کانپوءِ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته هن سال ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. وزيراعظم صدر اردوان سان ملاقات کي انتهائي لاڀائتي قرار ڏيندي ان اميد جو اظهار ڪيو ته ترڪ صدر جي فعال قيادت ۾ ٻطرفا لاڳاپا نئين بلندين تائين پهچندا. ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته ملاقات دوران هنن علائقائي ۽ عالمي مسئلن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي ۽ ٻطرفن لاڳاپن جي دائري کي وڌائڻ جي عزم جو به اظهار ڪيو آهي. وزيراعظم شهباز شريف والهاڻي استقبال ۽ پرخلوص مهمان نوازي تي ترڪ صدر جا ٿورا مڃيا ۽ چيو ته ترڪيءَ اچڻ اسان جي لاءِ پنهنجي ٻئي گهر اچڻ برابر آهي. آئون پاڻ سميت پاڪستان جي عوام پاران ترڪيءَ ۾ پنهنجي ڀائرن ۽ ڀينرن لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام کڻي آيو آهيان. هن چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ لاڳاپا گڏيل ثقافتي، مذهبي ۽ روحاني ورثي سان ڳنڍيل آهن، جيڪي وقت جي حدن، جاگرافيائي ۽ سياست کان مٿانهان آهن. اسان انهن رشتن کي هڪ مقدس امانت وانگر ڏسون ٿا، جيڪي اسان جي وڏن اسان کي ڏنا آهن ۽ جن کي اسان کي پنهنجي ايندڙ نسلن ڏانهن منتقل ڪرڻو آهي. وزيراعظم چيو ته هن سال اسان ٻئي ملڪ پنهنجي سفارتي لاڳاپن جي 75 هين سالگرهه شاندار طريقي سان ملهائي رهيا آهيون. منهنجي پياري ڀاءُ صدر رجب طيب اردوان جي بصيرت افروز قيادت ۾ اسان پنهنجي ٻطرفن لاڳاپن کي نئين بلندين تائين وٺي وينداسين. هن چيو ته اسان جا ملڪ اعليٰ سطحي اسٽريٽجڪ تعاون ڪائونسل جي اجلاسن ۾ جامع ڳالهه ٻولهه ۾ مصروف آهن، جيڪي اسان جي گڏيل مفادن تي ٻڌل آهن. مون کي اهو اعلان ڪندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته صدر اردوان ايندڙ اعليٰ سطحي اجلاس سيپٽمبر ۾ اسلام آباد ۾ منعقد ڪرڻ جو اشارو ڏنو آهي، آئون سندس ٿورائتو آهيان، جنهن اسان کي ميزباني جو موقعو فراهم ڪيو آهي، اسان انهن انتهائي نتيجاخيز ملاقاتن جا منتظر آهيون. هن چيو ته اهو به طئي ٿيو آهي ته جون ۾ هڪ مضبوط واپاري وفد پاڪستان جو دورو ڪندو. اسان جي ٽيم اتي ملاقاتن جي لاءِ مناسب تياري ڪندي ته جيئن ٺوس ۽ نتيجاخيز قدم کڻي سگهون. هن چيو ته اي ڪامرس، ٽوئرازم، تعليم ۽ انفراسٽرڪچر ڊيولپمينٽ جهڙا تمام گهڻا شعبا آهن جن ۾ ترڪيءَ وڏي ترقي ڪئي آهي، پن بجلي جي پيداوار ۽ قابل تجديد توانائي جي شعبن ۾ اسان ترڪيءَ مان سيڙپڪاري جي صورت ۾ تعاون حاصل ڪرڻ تي تمام گهڻي خوشي محسوس ڪنداسين. اسان جا ترڪ ڀائر سيڙپڪاري سان منافعو ڪمائيندا ۽ اسان کي سستي بجلي ملندي جيڪا وڏي سوڀ هوندي. هن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دفاعي صنعت جي شعبي ۾ تعاون جي امڪانن کي به اجاگر ڪيو. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ فطري حصيدار آهن، اسان جا موقعا به هڪ جهڙا آهن ۽ چئلينج به هڪ جهڙا آهن، اسان جي قوم سدائين مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي سان گڏ بيٺل هوندي آهي. پاڪستان جي عوامي بنيادي دلچسپي جي مسئلن خاص طور تي ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي موقف جي حمايت تي صدر رجب طيب اردوان کي ساراهيون ٿا. ڪشمير تڪرار تي ترڪيءَ جي اڻٿڪ حمايت سان بهادر ڪشميري عوام کي وڏو حوصلو ملي ٿو، جيڪي 7 ڏهاڪن کان مسلسل ڏاڍ جو شڪار آهن. هن چيو ته مون صدر رجب طيب اردوان کي ڀارتي غيرقانوني قدمن کان علائقائي امن ۽ استحڪام کي لاڳو خطرن بابت آگاهي ڏني آهي. پاڪستان امن جي پنهنجي جستجو کي ختم نه ڪندو پر اسان ان ڳالهه تي يقين رکون ٿا ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن رڳو ان صورت ۾ حاصل ٿي سگهي ٿو جڏهن والاريل ڪشمير ۾ پراڻي تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشميري عوام جي خواهشن موجب حل ڪيو وڃي. وزيراعظم چيو ته پاڪستان سدائين پنهنجي ترڪ قبرصي ڀائرن جي مقصد جي ڀرپور حمايت ڪئي آهي ۽ اسان انهن جي جائز حقن ۽ امنگن جي حمايت جاري رکنداسين. هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ ترڪيءَ سان گڏ بيٺل آهي. ترڪيءَ جا دشمن پاڪستان جا دشمن آهن. هن چيو ته اسان جي حصيداري سدائين جي ڀلائي جي طاقت آهي ۽ اسان هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان جي گڏيل مقصد کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ڪيترن ئي ڏهاڪن کان گڏجي ڪم ڪري رهيا آهيون. اسان جا ٻئي ملڪ دنيا ۾ پناهگيرن جي سڀ کان وڏي آبادي جي ميزباني ڪن ٿا ۽ اهو اسان پنهنجي محدود وسيلن سان ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته اسان سيپٽمبر ۾ صدر رجب طيب اردوان جي پاڪستان جي دوري جا منتظر آهيون، ان سان اسان جي لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو موقعو ملندو. جڏهن ته ترڪيءَ جي صدر رجب طيب اردوان چيو ته پاڪستان ۽ ترڪيءَ جي وچ ۾ انتهائي ويجها لاڳاپا آهن، ٻنهي ملڪن جي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهيون. هن چيو ته عوام جي خوشحالي جي لاءِ پاڪستان سان اقتصادي تعاون ترجيح آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مواصلات، تعليم، ماحوليات ۽ انفراسٽرڪچر جي شعبن ۾ ويجهو تعاون آهي. پاڪستان کي بحري جهازن جي تياري ۾ هر ممڪن تعاون فراهم ڪري رهيا آهيون. ترڪ صدر چيو ته دهشتگردي خلاف پاڪستان جي سڀني ڪوششن جي حمايت ڪريون ٿا. عالمي فورمن تي پاڪستان جي ڀرپور حمايت تي سندس ٿورائتا آهيون. مختلف عالمي فورمن تي اهم عالمي ۽ علائقائي معاملن تي پاڪستان ۽ ترڪيءَ هڪ جهڙو موقف رکن ٿا. هن چيو ته اسان ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي جائز امنگن ۽ گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڪشمير مسئلي جي حل جي حمايت ڪريون ٿا. هن چيو ته پرامن ۽ خوشحال افغانستان خطي جي مفاد ۾ آهي. انساني همدردي جي بنياد تي افغان عوام کي ڀرپور امداد فراهم ڪئي وئي. ترڪ صدر چيو ته اسان جي ڳالهه ٻولهه لاڀائتي ثابت ٿي آهي، مون شهباز شريف ۽ سندس وفد جو ترڪيءَ جو دورو ڪرڻ تي ٿورو مڃيو آهي ۽ پاڪستانين جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏنو آهي. جڏهن ته ان کان اڳ ۾ ٻنهي اڳواڻن گڏيل مفادن جي مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ جي لاءِ مختلف معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحن واري تقريب ۾ پڻ شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : como jogar lotofácil