اسلام آباد – 06 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد نواز شريف پاڪستان ۽ بحرين ج?? وچ ۾ سگهاري ٻه طرفي واپار جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آهي ته پاڪستان بحرين سان پنهنجي لاڳاپن کي تمام ??هڻي اهميت ڏي ٿو. هن اها ڳالهه بحرين جي پرڏيهي وزير شيخ خالد بن احمد الخليفه سان وزيراعظم ها??وس ۾ ڳالهائيندي چئي جيڪو شاهي خاندان جي ميمبرن سميت اعليٰ سطح جي حڪومتي وفد سان پاڪستان جي دو??ي تي آهي، بحرين جي پرڏيهي وزير بحرين جي شاهه حمد بن عيسيٰ الخليفه طرفان وزيراعظم جي لاءِ نيڪ تنمائن جو خصوصي پيغا?? به پهچايو