اسلام آباد – 07 – اپريل (اي پ?? پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن خاص طور تي ڏسڻ ۽ ٻڌڻ کان محروم ماڻهن کي اعليٰ تعليم جاري رکڻ ۾ سهولتون ڏيڻ لاءِ خصوصي تعليمي ٽولز متعارف ڪرائڻ تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪول کان ٻاهر ٻارن جو وڏو تعداد هڪ وڏو مسئلو آهي، جنهن کي تعليمي ادارن، سول سوسائٽي ۽ غير سرڪاري تنظيمن جي گڏيل ڪوششن سان حل ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار ايوان صدر ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي اسلام آباد بابت اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر پروفيسر ضياءُ قيوم ۽ يونيورسٽي جي سينئر انتظاميه شرڪت ڪئي، اجلاس کي خطاب ڪندي صدر نوجوانن کي روزگار جي قا??ل هنر، خاص طور تي آءِ ٽي جي شعبي ۾ مهارت تي ٻڌل ڪورس جي ضرورتن تي زو?? ڏنو. هن چيو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي کي ملڪ ۾ گريجوئيٽس جو تعداد وڌائڻ لاءِ آن لائين ۽ فاصلاتي تعليم جي طريقن جي ذريعي پ??هنجي پ??چ کي وڌيڪ وڌائڻ جي ضرورت آهي، صدر يونيورسٽي جي انتظاميه تي زو?? ڏنو ته ان سلسلي ۾ جديد ترين آءِ سي ٽي ٽولز کي موثر طريقي سان استعمال ۾ آندو وڃي، ان موقعي تي علامه اقبال اوپن يونيورسٽي جي وائيس چانسلر ان ڳالهه تي روشني وڌي ته گذريل ٻن سالن دوران علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پ??هنجي ” ڊجيٽل ٽرانفارميشن پاليسي“ تحت پراڻي پئماني تي فني مداخلت جي ذريعي پ??هنجي آپريشن کي تبديل ڪيو آهي، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته علامه اقبال اوپن يونيورسٽي پبلڪ سيڪٽر ۾ پهرين يونيورسٽي آهي جنهن اپليڪيشن جو هڪ جامع ??ظام شروع ڪيو جنهن يونيورسٽي جي سڀني تعليمي،انتظامي ۽ مالياتي عمل کي خودڪار ٺاهي ڇڏيو آهي، هن اجلاس کي ٻڌايو ته اداري ۾ هن وقت 12 لک کان وڌيڪ شاگرد آهن. جڏهن ته هن وقت تائين 44 لک 30 هزار کان وڌيڪ شاگرد مختلف شعبن ۾ گريجوئيٽس ڪري چڪا آهن، صدر يونيورسٽي پاران کنيل قد??ن خاص طور تي اداري جي پ??چ ۽ ڊجيٽلائيزيشن کي وڌائڻ جهڙي قد??ن کي ساراهيو.