اسلام آباد – 23 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته هيستائين جون سموريون حڪومتون هڪ طرف پر وزيراعظم عمران خان جي ساڍي ٽن سالن جو اقتدار جي دور ۾ بيشمار سفارتي ڪاميابيون مليون آهن. مملڪتي وزير فرخ حبيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ چيو ته پهريون ڀيرو ملڪ جو وزيراعظم پرچين جي سياست کان مٿانهون ٿي اکين ۾ اکيون وجهي ڳالهه ڪرڻ جي جرئت رکي ٿو، دنيا عمران خان کي ع??ت ۽ احترام جي نظر سان ڏسي ٿي، ٽن مهينن ۾ او آءِ سي جو ٻيو اجلاس منعقد ٿيو، عالمي سطح تي موثر آواز بلند ڪرڻ تي گ??يل قومن جو 15 مارچ اسلامو فو??يا کي منهن ڏيڻ جو عالمي ڏينهن قرار ڏنو، عمران خان افغانستان تي ع??لمي ڌيان ڇڪرايو، ڪشمير مسئلي کي دلير وڪيل بڻجي اجاگر ڪيو، اهو سڀ ڪجهه وزيراعظم عمران خان ئي ڪري سگهي ٿو.