اسلام آباد – 11 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو آهي ته ٻاهرين ملڪ رهندڙ پاڪستاني ساليانو 30 ارب ڊالر مٽاسٽا جو ناڻو موڪليندا آهن، سياسي پارٽي کي نجي مليشيا رکڻ جي اجازت ناهي پر جي يو آئي ڏنڊا بردار فورس ٺاهي رکي آهي، اليڪشن ڪميشن ان جو نوٽيس وٺي، وزيراعظم عمران خان آزاد پرڏيهي پاليسي تي يقين رکي ٿو، ماضي ۾ 400 ڊرون حملا ٿيا پر ڪنهن ملڪي سالميت لا??ِ نه ڳالهايو، وزيراعظم هر فورم تي اسلاموفوبيا تي ڳالهه ڪئي، اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب اوورسيز پاڪستانيز انٽرنيشنل ڪنوينشن کي صدر ۽ وزيراعظم ج?? خطاب جي حوالي سان پاڪستان تحريڪ انصاف انٽرنيشنل چيپٽر جي سيڪريٽري ڊاڪٽر عبدالله رياڙ سان گڏ پي ٽي وي هيڊڪوارٽر ۾ اهم پريس ڪانفرنس ک?? خطاب ڪن??ي ڪيو. اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير ??رخ حبيب چيو ته اوورسيز پاڪستانين عمران خان کي وزيراعظم بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هلندڙ سال رڪارڊ مٽاسٽا جو ناڻو ٿيندو، اوورسيز پاڪستانين کي ڪو بااختيار بڻائڻ لا??ِ تيار نه هو، اوورسيز سڀ کان وڏو مطالبو ووٽ جو اختيار هو، اسان جي حڪومت اوورسيز کي ووٽ جو حق ڏنو، پاور آف اٽارني کي حاصل ڪرڻ جو طريقو آن لا??ين ڪيو ويو، ??رخ حبيب چيو ته روشن ڊجيٽل اڪائونٽس ۾ ساڍا 3 ارب ڊالر جمع ٿي چڪا آهن، روشن ڊجيٽل اڪائونٽس جي بدولت اوورسيز گهر جي لا??ِ بئنڪ مان قرض وٺي سگهن ٿا?? اوورسيز پاڪستاني وزيراعظم سان ٿورن جو اظهار ڪرڻ چاهين ٿا?? اسلام آباد ۾ 13، 14 ۽ 15 مارچ تي اوورسيز جو تاريخي ڪنوينشن ٿيندو، وزيراعظم عمران خان ڪنوينشن ک?? خطاب ڪن??و، ٻاهرين ملڪ پاڪستانين جي ڪوششن کي خراج تحسين پيش ڪريون ٿا?? مملڪتي وزير وڌيڪ چيو ته اوورسيز پاڪستاني اسان جو قيمتي اثاثو آهن، پارليامينٽ معاملي جي حوالي سان هن چيو ته گهرو وزير پارليامينٽ واري معاملي کي ڏسي رهيا آهن، مخالف ڌر شڪست کاڌل انهن وٽ نمبرز پورا نه آهن، تحريڪ انصاف جي ڌرڻي دوران لاٺي چارج، دهشتگردي جا ڪيس ٿيا، مخالف ڌر حيلن بهانن سان لڪڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، سياسي پارٽيون آزاد آهن ۽ ڪنهن سان به ملاقاتون ڪري سگهن ٿيون. ??رخ حيب چيو ته اتحادي اسان سان گڏ آهن.