اسلام آباد – 23 فيبروري (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر ۽ ڊپٽي اسپيڪر قاسم خان سوري اڳوڻي گهرو وزير سينيٽر رحمان ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي جدا جدا تع??يت?? پيغامن ۾ هن چيو ت?? سينيٽر رحمان ملڪ هڪ سلجهيل، ڏاهو ۽ دورانديش سياسي اڳواڻ هو، مرحوم جي لاڏاڻي سان پيدا ٿيل خال وڏي عرصي تائين ڀرجي نه سگهبو. اسپيڪر ۽ ڊپٽي اسپيڪر ڏکويل خاندان سان دل?? تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ الله تعاليٰ کان مح??وم جي درجن جي بلندي ۽ سوڳوار خاندان جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي.