اسلام آباد – 17 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت ملڪ مان پوليو جي مڪمل خاتمي ل??ءِ پرعزم آهي، دنيا کي انساني بحران جي ويجهو پهتل 40 ملين افغان عوام جي مدد لاءِ اڳتي اچڻو پوندو جڏهن ته بل ??يٽ?? چيو آهي ته پوليو جي خاتمي ل??ءِ پاڪستان جو عزم مثالي آهي، پوليو جو خاتمو آڻي پاڪستان تاريخ ۾ پنهنجو نالو لکي سگهي ٿو. وزيراعظم عمران خان جي خصوصي دعوت تي بل اينڊ ميلنڊا ??يٽ?? فائونڊيشن جي شريڪ باني بل ??يٽ?? پوليو جي خاتمي بابت قومي ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ شرڪت ڪئي. ان کان اڳ بل ??يٽ?? ۽ وزيراعظم عمران خان جي وچ ۾ نويڪلائي ۾ ملاقات ٿي. وزيراعظم پاڪستان جي پهرين دوري تي بل ??يٽ?? جي آجيان ڪندي پوليو جي خاتمي ۾ پاڪستان حڪومت سان مسلسل تعاون ۽ حصيداري تي بل اينڊ ميلنڊا ??يٽ?? فائونڊيشن جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حڪومت پوليو جي خاتمي ل??ءِ پوري طرح پرعزم آهي. وزيراعظم چيو ته افغانستان اسان جي ٻن سرحدي صوبن ۾ پوليو جي و??قعن جو بنيادي ??ري??و هجڻ جي ناطي صحت جي هنگا??ي سميت انساني بحران کان بچڻ جي ل??ءِ فوري عالمي تعاون جو گهرجائو آهي جڏهن ته پاڪستان 40 ملين افغان عوام جي بنيادي سهولتن جي فراهمي ۾ ڀرپور مدد ڪري رهيو آهي. وزيراعظم افعانستان جي سرحدن سان لاڳاپيل ضلعن خاص طور تي خيبرپختونخواهه جي ڏاکڻي ضلعن جي ڊپٽي ڪمشنرز کي پوليو وائرس جي ڦهلاءُ جي خلاف چوڪس ۽ فعال رهڻ جي هدايت ڪئي. ان موقعي تي بل ??يٽ?? پاڪستان جي دوري تي گهرائڻ ۽ گرمجوشي سان مهمان نوازي ڪرڻ تي و??يراعظم جا ٿورا مڃيا ۽ پوليو جي روڪٿام لاءِ اڻٿڪ محنت ڪرڻ تي قيادت، هيلٿ ورڪرز ۽ والدين جي ڪوششن کي ساراهيو. بل ??يٽ?? چيو ته ڪوويڊ 19 جي پابندين جي باوجود پاڪستان حيرت انگيز ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪيو ۽ پوليو جا ڦرا پيارڻ جو سلسلو جاري رکيو. پوليو جي خاتمي بابت نيشنل ٽاسڪ فورس سڄي ملڪ ۾ ٻارن کي پوليو جا ڦرا پيارڻ دوران پنهنجون جانيون قربان ڪندڙ 36 فرنٽ لائين ورڪرز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ 14 اهلڪارن کي زبردست خراج عقيدت پيش ڪيو. ان کان اڳ ٽاسڪ فورس کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان ۾ پوليو جي زيرو واقعن جو هڪ سال مڪمل ٿي ويو آهي جڏهن ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڏاکڻي ضلعن ۾ ماحولياتي نمونن ۾ وائرس جو پتو لڳايو ويو آهي. ٽاسڪ فورس کي ٻڌايو ويو ته قو??ي سطح تي پوليو جا ڦرا پيارڻ جي مهم ڊسمبر 2021ع ۽ جنوري 2022ع ۾ شروع ڪئي و??ي آهي جنهن ۾ ٻارن جي ل??ءِ معمول جي حفاظتي ٽيڪن کي پڻ شامل ڪيو ويو آهي. خطري و??رن علائقن ۾ سيڪيورٽي جي فراهمي جي ل??ءِ قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي تعاون سان وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي وچ ۾ موثر هم آهنگي موجود آهي. صوبائي حڪومتن اجلاس کي پوليو مهم جي ل??ءِ مخصوص وسيلن کان آگاهه ڪيو ۽ پاڪستان کي پوليو فري بڻائڻ جي ل??ءِ مڪمل عزم جو اظهار ڪيو. ٽاسڪ فورس جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي صلاحڪار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخواهه جي گورنر شاهه فرمان، پنجاب جي وڏي و??ير سردار عثمان بوزدار ۽ خيبرپختونخواهه جي وڏي و??ير محمود خان، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??يراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، گلگت بلتستان جي وڏي و??ير خالد محمود خان، سنڌ جي صحت واري و??ير عذرا فضل پيچوهو، بلوچستان جي صحت واري و??ير احسان شاهه، عالمي ادارن جي نمائندن ۽ سينيئر آفيسرن شرڪت ڪئي جڏهن ته سڄي پاڪستان مان ڊپٽي ڪمشنرز وڊيو لنڪ ??ري??ي شريڪ ٿيا. وزيراعظم بل ??يٽ?? جي مان ۾ مانجهاندو پڻ ڏنو جنهن ۾ وفاقي و??يرن شوڪت ترين، اسد عمر، چوڌري فواد حسين، مخدوم خسرو بختيار، ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيربختونخواهه جي گورنر، خيبرپختونخواهه ۽ پنجاب، گلگت بلتستان جي وڏن وزيرن ۽ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي و??يراعظم شرڪت ڪئي.