راولپنڊي – 08 جن??ري (اي پي پي) مريءَ ۾ سخت برفباري سان بند جهيڪا گلي گهڙيال ۽ ايڪسپريس وي کي ٽريفڪ جي لاءِ کوليو ويو. آرمي انجنيئرز ۽ فرنٽيئرز ورڪس آرگنائيزيشن، ايف ڊبليو او جي دستن ڊوزرز ۽ ٻي هيوي مشينري سان اهي رستا کوليا، جهيڪا گلي، ڪلڊنه روڊ کي کولڻ جي لاءِ آرمي انجنيئرز جا ??ستا مصروف آهن، ٽريفڪ ۾ ڦاٿل ماڻهن کي کاڌو ۽ ٻيو ضر??ري سامان پڻ فراهم ڪيو پيون وڃي. پاڪ فوج جي عو??مي لاڳاپن واري کاتي (آءِ ايس پي آر) پاران جاري پڌرائي موجب ترجمان چيو ته فوجي دستا سول انتظاميا جي مدد ۾ مصروف آهن، مري ۾ موجود سمورن وسيلن کي متحرڪ ڪيو ويو آهي. جهيڪا گلي ڪلڊنه روڊ پڻ جلد کلڻ جو امڪان آهي. ترجمان موجب برفبار?? ۾ ??اٿل ماڻهن کي آرمي پبلڪ اسڪول ڪلڊنه ۾ ڇت ۽ خوراڪ جي لاءِ منتقل ڪيو ويو آهي. ايف ڊبليو او ۽ آرمي انجنيئرز جا ??ستا ۽ مشينري رستن کي کولڻ جي لاءِ متحرڪ آهن، رستا کولڻ جي لاءِ ڊوزر مظفرآباد کان منتقل ڪيا ويا آهن. ترجمان ٻڌايو ته ٽرپل ون برگيڊ جا ??وان بهاره ڪهو ۾ روڊ کولڻ ۾ مصروف آهن جڏهن ته ضر??ري کاڌي پيتي جون شيون پڻ فراهم ڪري رهيا آهن. ترجمان ٻڌايو ته پاڪ فوج پاران ملٽري ڪاليج مري، جهيڪا گلي، اي پي ايس ڪلڊنه ۽ اسٽيشن سپلاءِ ڊپو سٽي بئنڪ ۾ چار ڪئمپ قائم ڪيون ويون آهن.