اسلام آباد – 06 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان اسلام آباد جي مهانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائشن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتون ??عمير ڪرڻ ۽ بي پناهه پکيڙ کي روڪڻ لاءِ شهرن ج??ن حدون مقرر ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته غريب ۽ وچولي طبقي جي لاءِ گهٽ قيمت گهرن ج?? تعمير جو واعدو پورو ڪري رهيا آهيون، گهرن ج?? تعمير لاءِ هن وقت تائين 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن. اهڙن خيالن ج?? اظهار هن پنهنجي صدارت هيٺ هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت رابطا ڪميٽي جي اجلاس ۾ ڳالهائيندي ڪيو. اجلاس ۾ ناڻي وارو وفاقي وزير شوڪت فياض ترين، اطلاعات ۽ نشريات وارو وفاقي وزير چوڌري فواد ح??ين، آزاد ڪشمير جو وزيراعظم سردار عبدالقيوم خان نيازي، اطلاعات ۽ نشريات وارو مملڪتي وزير فرخ حبيب، خاص مددگار ڊاڪٽر شهباز گل، اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي وزيرن سردار تنوير الياس، خواجه فاروق، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي جو چيئرمين ۽ سينئر آفيسر شريڪ ٿيا. وزيراعظم اجلاس کي خطاب ڪندي چيو ته حڪومت غريب ۽ وچولي طبقي لاءِ گهٽ قيمت جي گهرن ج?? واعدو ڪيو هو، ان کي پورو ڪري رهيا آهيون، ملڪ جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو اسلام آباد جي ڪچي آبادين ج?? رهواسين لاءِ 12400 گهٽ قيمت ۽ معياري فليٽ مهيا ڪيا پيا وڃن، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته سي ڊي اي ۽ نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي انهن فليٽس لاءِ سبسڊي مهيا ڪندي جنهن سان ماهوار قسطون گهٽ کان گهٽ رکيون وينديون، انهن فليٽس ۾ سموريون ??هري سهولتون فراهم ڪيون وينديون. وزيراعظم چيو ته اسلام آب??د م عالمي معيار جو ڪرڪيٽ اسٽيڊيم تعمير ڪيو ويندو. اسلام آباد جي مهانگي سيڪٽرن ۾ سرڪاري رهائشن تي پبلڪ پرائيويٽ پارٽنرشپ جي بنياد تي ڪمرشل عمارتُون ٺاهيون ??ڃن. پنهنجو گهر ٺاهڻ لاءِ 38 ارب روپين جا قرض فراهم ڪيا ويا آهن، اجلاس کي ٻڌايو ويو ته سراسري بئنڪن کان قرض حاصل ڪرڻ جي شرح ۾ قابل ذڪر اضافو ڏٺو پيو وڃي. صرف گذريل ٻن هفتن ۾ 6 ارب روپين ج?? اضافي قرضن ج??ن درخواستون مليون ??هن. وزيراعظم هدايت ڪئي ته ملڪ جي سمورن شهرن ج??ن حدون مقرر ٿيڻ گهرجن ته جيئن بي پناهه پکيڙ کي روڪي سگهجي ۽ ساوڪ کي بچائي سگهجي. وزيراعظم چيو ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ سياحت جي فروغ لاءِ بي پناهه موقعا موجود آهن ج??هن مان فائدو حاصل ڪيو وڃي، آزاد ڪشمير ۾ غير قانوني تعميرات کي روڪڻ لاءِ سخت قانون ٺاهيا ??ڃن. هن والاريل ڪشمير کان آيل پناهگيرن لاءِ معياري ۽ گهٽ قيمت رهائشون ج??د تعمير ڪرڻ جي هدايت به ڪئي، اجلاس کي آگاهه ڪيو ويو ته پناهگيرن ج?? رهائشن لاءِ 5.6 ارب روپين ج?? زمين آزاد ڪشمير جي حڪومت مهيا ڪندي، پهرين مرحلي ۾ 1300 گهراڻن کي گهر مهيا ڪيا ويندا. وزيراعظم چيو ته ٻيلن ۽ قدرتي حسن ج?? تحفظ لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ??ڃن. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته آزاد ڪشمير جو 63 سيڪڙو حصو ٻيلن تي مشتمل آهي، جڏهن ته ڪشمير جي ڪل ايراضي جو 56.5 سيڪڙو حصو سرڪاري زمين آهي، 10 ضلعن ج?? لينڊ يوز ميپنگ مڪمل ڪئي وئي آهي.