اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي اعليٰ سطحي وفد سا?? گڏ افغانستان جي هڪ ڏينهن جي دوري تي ڪا??ل پهچي ويو. ڪابل ايئرپورٽ تي افغانستان جي عبوري پرڏيهي وزير امير خان متقي، افغانستان ۾ پاڪستان جي سفير ??نصور احمد خان ۽ افغانستان جي پرڏيهي وزارت جي سينئر عملدارن پرڏيهي وزير جي آجيان ڪئي. وزيراعظم جي افغانستان بابت خاص نمائندو محمد صادق، پرڏيهي سيڪريٽري سهيل محمود، ڪامرس سيڪريٽري صالح احمد فاروقي، پي آءِ اي چيئرمين ايئر مارشل (ر) ارشد ملڪ، نادرا چيئرمين طارق ملڪ، ڪسٽمز، ايف بي آر ۽ پرڏيهي وزارت جا سينئر آفيسر به پرڏيهي وزير سا?? گڏ هئا. پرڏيهي وزير ??خدوم شاهه محمود قريشي هڪ ڏينهن جي دوري دوران افغانستان جي عبوري وزيراعظم ملا حسن آخوند، پرڏيهي وزير امير خان متقي ۽ ٻي قيادت سان ملاقات ڪندو، انهن ملاقات ۾ ٻطرفي لاڳاپن جي سمورن رخن، گڏيل دلچسپي جي شعبن خاص طور تي واپار ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي مختلف طريقن تي غور ويچار ڪيو ويندو. پرڏيهي وزير ??ين افغاني اڳواڻن سان به ملاقاتون ڪندو ۽ افغان اڳواڻن کي افغانستان ۾ امن ۽ امان جي قيام ۽ آئنده جي لائحه عمل جي حوالي سان پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو.