اسلام آباد – 04 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪ??مت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪمل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري پڌرائي موجب وزيراعظم عمران خان سان برطانيا جي پارليامينٽ ميمبرن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ لارڊ واجد خان، ناز شاهه ۽ محمد ياسين شامل هئا. وفد وزيراعظم کي اسلامو فوبيا تي آواز اٿارڻ ۽ مديني جي رياست جي طرز تي پهريون ڀيرو معاشي ۽ سماجي طور تي پيڙهيل ط??قن جي لاءِ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي جا قدم کڻڻ تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ آزاد ڪشمير ۾ نئين چونڊيل حڪ??مت جي عوامي ڀلائي جي لاءِ کنيل قدمن کي پڻ ساراهيو. ملاقات ۾ موجوده حڪ??مت جي مختلف قدمن، عوام دوست پاليسين ۽ ڪشمير مسئلي کي اجاگر ڪرڻ جي حوالي س??ن قدمن تي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. وزيراعظم چيو ته نظام حڪ??مت جي حوالي س??ن اسان جو ماڊل مديني جي رياست آهي، فلاحي رياست ۽ قانون جي بالادستي مديني جي رياست جا سنهري اصول هئا. وزيراعظم چيو ته حڪ??مت ملڪ ۾ انصاف ۽ قانون جي بالادستي مڪل طور تي قائم ڪرڻ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي، معاشري جي ترقي جي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي هر طبقي جي ترقي تي ڌيان ڏنو وڃي.