اسلام آباد – 29 جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته گهٽ آمدني وارن گهرن جي لاءِ هڪ صفحي جو آسان فارم بڻائي رهيا آهيون، وزيراعظم عمران خان جي دلچسپي سان گذريل 15 مهينن دوران ٽيڪس ايگزمشن رجيم متعارف ڪرائي وئي، سڄي ملڪ ۾ هن وقت تائين ڪنسٽريڪشن جي شعبي ۾ هيستائين 1000 ا??ب روپين جي سي??پڪاري ٿي چڪي آهي، لاڳاپيل 120 صنعتن ۾ 4100 ا??ب روپين جي معاشي سرگرميون ٿينديون ۽ مجموعي طور تي 7 لک ??وزگار جا موقعا ??يدا ٿيندا، سنڌ حڪومت 400 منصوبن م??ن صرف 90 منظور ڪيا، سنڌ بلڊنگ ڪنٽرول اٿارٽي اڏوهي جو شڪار آهي، جيستائين فائل کي ڦيٿو نه لڳي يا ڪميشن جو تعين نه ڪيو وڃي منصوبا منظور ناهن ٿيندا، وزيراعظم آگسٽ ۾ نئين پاڪستان پروگرام جو آغاز ڪندو جنهن تحت 60 لک ماڻهن کي گهر جي لاءِ 20 لک ??وپين جا آسان بنا وياج جي قرض ڏنا ويندا. هو پي آءِ ڊي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته هائوسنگ جي شعبي ۾ پنجاب ۾ 373 ا??ب روپين جي سي??پڪاري، معاشي اثر 1900 ارب، 3 لک 25 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، 24 هزار 404 پراجيڪٽس منظور ٿيا آهن، سنڌ ۾ 267 ا??ب روپين جي سي??پڪاري، معاشي اثر 1337 ارب ٿيندو، ٻه لک نوڪرين جا موقعا ??يدا ٿيندا. ڪي پي ڪي ۾ 4829 منصوبا، 74 ا??ب روپين جي سي??پڪاري آئي آهي، معاشي اثر 371 ا??ب روپين جو هوندو ۽ 64 هزار نوڪرين جا موقعا ??يدا ٿيندا. اسلام آباد ۾ 5986 منصوبا منظور ٿيا، 175 ا??ب روپين جي سي??پڪاري، معاشي اثر 525 ارب آهي، هڪ لک 4 هزار نوڪريون پيدا ٿينديون، هن چيو ته ايف بي آر پاران ٽيڪس ايگزمشن رجيم تحت 491 ارب جا منصوبا رجسٽرڊ ٿيا آهن، مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو ته سنڌ حڪومت ڪنٽريڪشن جي سي??پڪارن کي سهولت فراهم ڪري، هن چيو ته گهٽ آمدني هائوسنگ وزيراعظم جي دل جي ويجهو آهي، اسان جي وزيراعظم کي سوئيس بئنڪن ۾ پئسو ناهي جمع ڪرائڻو نه ئي ٻاهر جائيدادون ٺاهڻيون آهن، عمران خان کي احساس آهي ته ڪهڙي طرح غريب ماڻهو کي ڇت فراهم ڪئي وڃي، هن چيو ته گهٽ آمدني وارن گهرن لاءِ بئنڪن کي 145 ا??ب روپين جي درخواستون مليون، 45 ارب جا قرض منظور ٿي چڪا آهن، پهرين هڪ لک گهرن کي ٽن لک ??ي سبسڊي ۽ 20 سال جي مدي جي آسان قرض فراهمي جي سهولت ڏني پئي وڃي، هن چيو ته هن وقت تائين 20 هزار لوڪاسٽ هائوسنگ يونٽس مڪمل ٿي چڪا آهن جنهن ۾ اخوت جو به ڪردار آهي، نئون پاڪستان هائوسنگ ڊولپمينٽ اٿارٽي 70 هزار گهرن جا پراجيڪٽس کي شارٽ لسٽ ڪري ورتو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو ويزن آهي ته پاڪستان جي زمين جي ڊجيٽلائيزيشن ڪئي وڃي، اهو انقلابي قدم آهي، مالي کاتي جي رڪارڊ جي سامهون رکيو پيو وڃي، سيٽلائيٽ ايمجري ۽ فيلڊ سروي جي ذريعي ڊجيٽلائيزيشن ڪئي پئي وڃي، ڊجيٽلائيزيشن جي پهرين م??حلي ۾ ڪراچي 2500 مربع ڪلوميٽر ۾ 50 سي??ڙو لاهور سٽي 900 سڪيور ڪلوميٽر ۾ 60 ڪلوميٽر مڪمل، اسلام آباد جو 240 سڪيور ڪلوميٽر مان 95 سي??ڙو ڪم مڪمل ٿي چڪو آهي، هن چيو ته سنڌ حڪومت لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن لاءِ رڪارڊ فراهم نه ڪري رهيو آهي، 25 ٻيلا سنڌ ۾ هئا، هاڻي ڪو به نظر نه اچي رهيو آهي، سڄي ملڪ ۾ 80 سي??ڙو اسٽيٽ لينڊ جي ڊجيٽلائيزيشن ٿي چڪي آهي وزيراعظم سروي آف پاڪستان کي 31 آگسٽ تائين اسلام آباد، 30 آڪٽوبت تائين اسٽيٽ لينڊ (سنڌ کانسواءِ) ۽ لاهور جي لينڊ ڊجيٽلائيزيشن جي لاءِ 15 نومبر جي ڊيڊ لائين ڏئي ڇڏي آهي، هن چيو ته هن وقت تائين هائوسنگ سي??ٽر جي لاءِ 96 اجلاس ٿيا جنهن م??ن 48 جي صدارت پاڻ عمران خان ڪئي آهي، سڄي ملڪ ۾ وفاقي ۽ صوبائي حڪومتن جي نگراني هيٺ 45 هزار لوڪاسٽ يونٽس تعمير هيٺ آهن. اي پي پي/ر – م/ش – چ 21:56