اسلام آباد – 07 جون (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي لاءِ موسمياتي تبديلي واري وزارت جي ق??من کي ساراهيندي چيو آهي ته ٽين بلين ٽري سونامي پراجيڪٽ سان جتي ماحول بهتر ٿيندي اتي ماکي جُون مکيُون پالڻ جهڙن شعبن کي فروغ ڏيڻ ۾ به مدد ملندي، ماکي جي برآمدات وڌائڻ لاءِ معياري پيداوار، بهترين مارڪيٽنگ حڪمت عملي ۽ تصديقي عمل اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هو ٽرين بلين ٽري سونامي پروگرام جي حوالي سان بريفنگ اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو، وزيراعظم جو موسمياتي تبديلين وارو خاص مددگار ملڪ امين اسلم ملڪ ۾ 10 ارب ٻوٽا لڳائ?? جي منصوبي جي باري ۾ بريفنگ ڏني، زرعي باراني يونيورسٽي جو وائس چانسلر ۽ ٻيا لاڳاپيل سينئر عملدار به ان موقعي تي موجود هئا. ملڪ امين اسلم اجلاس کي ماکي جُون مکيُون پال?? جي شعبي ۾ ترقي، قدرتي ماحول جي تحفظ ۽ بحالي ۽ نوجوانن کي هنرمند بڻائڻ لاءِ کنيل ق??من کان آگاهه ڪيو، صدر موس??ما??ي تبديلي واري وزايرت جي ق??من کي ساراهيندي چيو ته ملڪ ۾ مگس باني جي شعبي ۾ روزگار جا موقعا پيدا ڪرڻ ۽ پرڏيهي ناڻو ڪمائ?? جي صلا??يت موجود آهي، ان شعبي کي مضبوط بڻائڻ ۽ سهولتون فراهم ڪر?? جي ضرورت آهي،