اسلام آباد – 05 جون (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري ممل??تي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته ??اڪ??تان تحريڪ انصاف جي حڪومت اظهار راءِ جي آزادي تي يقين رکي ٿي، موجوده حڪومت پنهنجي حڪومتي دور ۾ ميڊيا تي ڪڏهن به ڪا پابندي نه لاڳو ڪئي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي چئنل جي پروگرام ۾ ڳالهائيندي ڪيو، هن چيو ته موجوده حڪومت ۾ سڀني کي اظهار راءِ جي آزادي حاصل آهي، ??اڪ??تان ميڊيا ڊولپمينٽ اٿارٽي بابت اسٽيڪ هولڊرز سان خيالن جي ڏي وٺ ??ي هڪ ڪميٽي جوڙي وئي آهي، هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته حڪومت عام ماڻهو جي طرز زندگي ۾ تبديلي آڻڻ لاءِ ملڪ ۾ قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ گ?? گورننس کي يقيني بڻائي ر??ي آهي