اسلام آباد – 29 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته راوي سٽ?? منصوبو هڪ فليگ شپ مصنوبو آهي جيڪو معاشي ترقي ۾ انتهائي اهميت رکندڙ آهي، ملڪ ۾ ماحولياتي تحفظ لاءِ جيڪي قدم موجوده حڪومت کنيا آهن انهن جو ماضي ۾ مثال نٿو ملي. هن اهڙن خيالن جو اظهار راوي سٽ?? ۽ سينٽرل ??زنس ڊسٽرڪٽ منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. نئون پاڪستان هائوسنگ اٿارٽي جي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل (ر) انور علي حيدر ۽ سي اي او راوي اربن ڊلپمينٽ اٿارٽي وزيراعظم کي راوي سٽ?? ۾ ٿيندڙ اڳڀرائي، خاص طور تي بڊنگ جي آغاز، ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين جي مشاورت سان تجويز ڪيل لائحه عمل، زمين حاصل ڪرڻ ۽ قاعدن ۽ ضابطن بابت لاڳاپيل معاملن کي فاسٽ ٽريڪ جي بنيادن تي اڪلائڻ جي حوالي سان تفصيلي بريفنگ ڏني، راوي سٽ?? جي مختلف زونز جي ڊولپمينٽ ۽ ٻاهرين سيڙپڪار ڪمپنين جي منصوبي ۾ گهري دلچسپي، خاص طور تي اڄ راوي سٽ?? جي هڪ زون جي لاءِ 5 ??شه??ر سيڙپڪار گروپس طرفان بڊنگ جي آغاز ۽ مستقبل ۾ نئين زونز ۾ لينڊ ڊولپمينٽ لاءِ عالمي ڪنسورشيم طرفان دلچسپي تي به اجلاس کي بريف ڪيو ويو. اجلاس کي راوي سٽ?? ۾ ٽيڪنالاجي زون ۽ نالج سٽ?? جي زونز جي ڊولپمينٽ جي ڏس ۾ نجي شعبي جي سهڪار ۽ مفاهمت جي يادداشت تي صحيحن جي حوالي سان ٿيندڙ شروعاتي اڳڀرائي، ايشين ڊولپمينٽ بئ??ڪ جي فنانسنگ سان ويسٽ اوٽر ٽريٽمينٽ پلانٽ جي قيام، زمين حاصل ڪرڻ ۾ زمين مالڪن کي مناسب قيمتن جي ادائيگي جي ڏس ۾ معاملن ۾ فيصلائتي اڳڀرائي، گرين ايرياز جي قيام کي يقيني بڻائڻ ۽ ??شه???? يونيورسٽين سان راوي اربن ڊولپمينٽ ينگ ليڊرز پروگرام تحت نوجوانن جي لاءِ ملازمت جي تجويز ڪيل پروگرام تي به وزيراعظم کي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.