اسلام آباد – 15 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم ??مر??ن خان چيو آهي ته اسان پاڪستان ۾ قانون جي بالادستي جي مشڪل جدوجهد ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ انشاءُ الله ڪامياب ٿينداسين، طاقتور ماڻهن کي قانون جي ماتحت ڪرڻ تائين ملڪ ترقي نٿو ڪري سگهي، غريب ماڻهو جيتري به چوري ڪري لنڊن ۾ جائيداد نٿو ڪري سگهي، ڪرپٽ ماڻهو ملڪ جو پئسو لُٽي ٻاهر کڻي ويا، مديني جي رياست جي اصولن کي اختيار ڪري پاڪستاني قوم عظيم قوم بڻجندي، ڪا به ??وم تعليم کانسواءِ ترقي نٿي ڪري سگهي، مستحق ۽ غريب شاگردن جي مدد لاءِ وفاقي حڪومت هر سال ساڍا 5 ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جون حڪومتون به ??ر سال 15، 15 هزار اسڪالرشپس ڏينديون. اهڙن خيالن جو اظهار هن رحمت اللعالمين اسڪالرشپ پروگرام جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪي??. وزيراعظم چيو ته پنجاب حڪومت کي خراج تحسين پيش ڪريان ٿو جنهن اهو اسڪالرشپ پروگرام شروع ڪرايو، پنجاب جي وڏي وزير ان ۾ ذاتي دلچسپي ورتي، هاڻي خيبرپختونخوا ۽ وفاقي حڪومت به ان پروگرام تي عمل ڪري رهي آهي، وزيراعظم ان خواهش جو اظهار ڪي?? ته سڀ صوبا ان پروگرام کي هلائين، هن چيوته نبي ڪريم ﷺ دنيا جي تاريخ ۾ عظيم ترين انسان آهي، پاڻ ﷺ جهڙو ڪير نه ڪڏهن هو ۽ نه ٿيندو، جيڪي عظيم ڪاميابيون پاڻ ﷺ حاصل ڪي??ن اهي ڪنهن به ??يغمبر کي حاصل نه ٿيون، اسان پاڻ ﷺ جي تعليم کي پنهنجي زندگي جي مختلف شعبن ۾ لاڳو نا??ي ڪي??، مديني جي رياست جا اصول اسان جي لاءِ بهترين رهنمائي فراهم ڪندا آهن، اسان جي حڪومت چاهي ٿي ته نبي ڪريم ﷺ جي تعليم ۽ اسوه کي زندگي ۾ شامل ڪري. نبي ڪريم ﷺ مديني جي رياست ۾ قانون جي بالادستي ۽ فلاحي رياست قائم ڪئي ۽ تعليمي ايمرجنسي لاڳو ڪئي، نبي ڪريم ﷺ جڏهن ڪفار جا قيدي پڪڙيا ويا ته انهن مان هڪ قيدي جي واپسي جي بدلي 10 مسلمانن کي پڙهائڻ جو شرط رکيو ۽ علم کي ترجيح ڏني. اسلام علم حاصل ڪرڻ کي عبادت جو درجو ڏنو ۽ ان لاءِ صدين تائين دنيا جا ڪيترائي نا??ور سائنسدان مسلمان ئي هئا ۽ هر شعبي ۾ مسلمانن قيادت ڪئي، وزيراعظم چيو ته نبي ڪريم ﷺ رحمت اللعالمين بڻائي موڪليو ويو آهي ان لاءِ پاڻ ﷺ جي نا??ي تي شروع ڪي?? اهي وظيفا صرف مسلمانن جي لاءِ نه پر ملڪ ۾ ڪنهن به ??ذهب جا شاگرد فائدو کڻي سگهن ٿا. اهي اسڪالرشپ ميرٽ تي ڏنيون وينديون ۽ آن لائين درخواستون وصول ڪي??ن وينديون، پاڪستان ۾ ڪنهن به حڪومت ان طرح جا وظيفا نا??ن ڏنا، وفاقي حڪومت هر سال ساڍا پنج ارب روپين جا 70 هزار وظيفا ڏيندي، 5 سالن تائين اهي وظيفا ڏنا ويندا ان طرح ان پروگرام تحت 28 ارب روپين جون ساڍا 3 لک اسڪالرشپ ڏنيون وينديون، پنجاب ۽ خيبرپختونخوا جي حڪومت به ??ڪ هڪ ارب روپين سان 15 ،15 هزار اسڪالرشپ ڏينديون.