ڪراچي – 12 مارچ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته معا??ري جي سمورن طبقن ک?? قومي ڌارا ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ ترقي ممڪن نه آهي، نئين نسل خير جي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ سان گڏوگڏ بدعنواني جي خلاف اٿي، ايمان، اتحاد ۽ تنظيم جا اصول اسان جي لاءِ مشعل راهه آهن، ٻار پنهنجي ۽ ماحول جي صفائي جو خاص خيال رکن. اهڙن خيالن جو اظهار پاڪستان اسڪائوٽس سنڌ جي اهتمام هيٺ تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. تقريب ۾ خاتون اول ثمينه علوي ، پاڪستان بواءِ اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي چيف ڪمشنر سرفراز قمر، سنڌ جو چيف سيڪريٽري ۽ صوبائي ڪمشنر اسڪائوٽ سيد ممتاز علي شاهه، سڄي ملڪ مان مختلف اسڪائوٽس ايسوسيئيشن جي نمائندن، اسڪائوٽس ۽ خصوصي اسڪائوٽس شرڪت ڪئي. صدر چيو ته اسڪائوٽس هڪ تربيتي تحريڪ آهي جيڪا تنظيم، نظم ۽ نسق ۽ خدمت جي تربيت فراهم ڪندي آهي. هن ان موقعي تي اسڪائوٽس ۾ پنهنجي شموليت ۽ ان تحريڪ سان جڙيل پنهنجي يادن جي باري ۾ شرڪت ڪندڙن ک?? ٻڌايو، ??در ٻارن ک?? صفائي، سٿرائي ۽ صحتمند ماحول جي اهميت کي آگاهه ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو. هن ٻارن ک?? پنهنجي ۽ ماحول جي صفائي جي نصيحت ڪندي چيو ته ماحول کي صاف رکڻ لاءِ وڻن جي تمام گهڻي اهميت آهي. وزيراعظم عمران خان سڄي ملڪ ۾ 10 ارب وڻ لڳائڻ جو پروگرام شروع ڪيو آهي. ٻارن ک?? پاڻ به ٻوٽا لڳائڻ گهرجن ۽ پنهنجي مٽن مائٽن ک?? به ٻوٽا لڳائڻ لاءِ قائل ڪرڻ گهرجي.