ڪراچي – 17 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي قائ??اع??م اڪيڊمي جي لائبريري ۾ سمورن ناياب ڪتابن جي ڊيجيٽلائيزيشن جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته اسڪالرز ۽ محققن جي انهن تائين پهچ کي وڌيڪ آسان بڻايو وڃي. اهڙن خيالن جو اظهار هن قائ??اع??م اڪيڊمي ڪراچي جي دوري جي موقعي تي ڪيو. هن باباءِ قوم قائ??اع??م محمد علي جناح ۽ ننڍي کنڊ جي مسلمانن جي لاءِ هڪ جدا ملڪ حاصل ڪر?? جي جدوجهد ۾ شامل سندس ساٿين جي حوالي سان تحقيق جي لاءِ مرڪز قائم ڪر?? کي ساراهيو. هن چيو ته اهو قومي تاريخ کي محفوظ بڻائڻ جو انتهائي اهم پليٽ فارم آهي جنهن ۾ بنيادي ڌيان پاڪستاني ثقافت، سماجيات، سياست ۽ ملڪي تاريخ جي اقتصادي رخن جي حوالي سان تحقيق، اشاعت ۽ ترويج تي آهي. صدر اڪيدمي جي پهرين ڊائريڪٽر پروفيسر شريف المجاهد ۽ ٻين کي خراج تحسين پيش ڪيو جن ان کي هڪ فعال تحقيقي ۽ اشاعتي مرڪز بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن اڪيڊمي ۾ تحقيقي ڪم جي رفتار تيز ڪر?? جي ضرورت تي زور ڏنو. قائ??اع??م مزار مئنيجمينٽ بورڊ جي سيڪريٽري ۽ قائ??اع??م اڪيڊمي جي ڊائريڪر صدر کي بريفنگ ڏني. صدر کي اڪيڊمي جي انتظامي معاملن ۽ خاص طور تي تحقي?? ۽ ??شاعت جي ڪمن بابت آگاهه ڪيو ويو. صدر کي ٻڌايو ويو ته اڪيڊمي قائم ڪر?? کانپوءِ هيستائين انگريزي، اردو ۽ ٻين علائقائي ٻولين ۾ 80 ڪتاب ش??يع ڪيا ويا جيڪي رعايتي اگهن تي فراهم ڪيا پيا وڃن.