اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وفاقي ڪا??ينا ڪورونا وائر?? جي ويڪسين حاصل ڪرڻ، استعمال جي طريقيڪار جي اصولي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، سڀ کان اڳ ڪورونا وائر?? جي خلاف وڙهن??ڙ هيلٿ ورڪرز، ٻي ترجيح ۾ 60 سالن جي عمر کان وڏن ماڻهن جڏهن ته ٽئين ترجيح ۾ ڪورونا وائر?? جي عام مريضن کي اها ويڪسين لڳائي ويندي، 2021ع جي پهرين ٽه ماهي ۾ ڪورونا ويڪسين پاڪستان پهچڻ جو امڪان آهي، ڪا??ينا ڪورونا جي علاج ۾ موثر ثابت ٿيند?? دوا REMDESIVIR جي 100 ملي گرام انجيڪشن جي قيمت 9244 رپين مان گهٽ ڪري 5680 رپيا مقرر ڪرڻ کانسواءِ ايئر سيال پرائيويٽ لميٽيڊ جي ريگيولر پبلڪ ٽرانسپورٽ لائيسن?? جي تجديد، دفاع واري وزارت کي پاڪستان نيوي انجنيئرنگ ڪاليج ۽ يلديز ٽيڪنيڪل يونيورسٽي ترڪيءَ جي وچ ۾ تعاون جي پروٽوڪول ۽ صحيحون ڪرڻ، پوسٽل لائيف انشورنس ڪمپني جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر جي مقرري ۽ اسلام آباد ميٽرو پوليٽن ڪلب جي عمارت وفاقي تعليم ۽ پيشيو??را??ي تربيت واري وزارت جي حوالي ڪرڻ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي آهي ۽ ان بلڊنگ ۾ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جو اسلام آباد ڪئمپس قائم ڪرڻ جي والي سان ٽي رڪني ڪميٽي جوڙي وئي آهي جيڪا پنهنجون سفارشون جوڙيندي.