اسلام آباد – 09 نومبر (اي پي پي) شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن جي ڪائونس?? جو 20 هو اجلاس اڱارو 10 نومبر تي ٿي رهيو آهي. وزيراعظم عمران خان وڊيو ڪانفرنس ذريعي 20 هين شنگهائي تعاون تنظيم جي ملڪي سربراهن (ا??س سي او سي ايڇ ايس) شرڪت ڪندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب وزيراعظم کي ا??س سي او ملڪي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت جي دعوت روس جي صدر ولاديمير پيوٽن ڏني آهي.