اسلام آباد – 23 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمر??ن خان چيو آهي ته نئون پاڪستان پراجيڪٽ تحت ڪراچي ۽ ٻيو لا??ور ۾ ٻه وڏا شهر ٺاهي رهيا آهيون، ڪراچي جي ٻيٽن جي حوالي سان سنڌ اين او سي جاري ڪئي ۽ پوءِ واپس وٺي ڇڏي، راوي سٽي ۽ ڪراچي جي ٻيٽن جا منصوبا گيم چينجر ثابت ٿيندا، ڀنڊار ٻيٽ جو فائدو سنڌ جي عوام کي ٿيندو ۽ ان سان 40 ارب ڊالر جي سيڙپڪاري ملڪ ۾ ايندي، ٻاهرين ملڪ پاڪستاني ڀنڊار ٻيٽن ۾ سيڙپڪاري ڪندا، نواز شريف کي واپس آڻڻ لاءِ پاڻ کي لنڊن وڃڻو پيو ته ويندس، مخالف ڌر جي سڄي ڪوشش اين آر او وٺڻ لاءِ آهي جيڪو آئون ڪڏهن به نه ڏيندس، اه?? ماڻهو پاڻ کي قانون کان مٿانهون سمجهندا آهن، مخالف ڌر 30 سالن کان پئسو چوري ??ري رهي آهي، ڪرپشن ۽ مهانگائي جي خاتمي لاءِ ڪوششون ڪيون پيون وڃن، اسرائيل کي پاڪستان جي بهادر فوج کان ڊپ آهي، ڀارتي ميڊيا پاڪستان جي خلاف بي بنياد پروپيگنڊا ??ري رهيو آهي ۽ نواز شريف کي هيرو بڻائي پيش ??ري رهي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نجي ٽي وي کي خصوصي انٽرويو دوران ڪيو.