اسلام آباد – 07 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان آسٽريليا جي فورٽسڪيو ميٽلز گروپ لميٽيڊ جي چيئرمين اينڊريو فورسٽ هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم جي واپار واري صلاحڪار عبدالرزاق دائود ۽ سيڙپڪاري بورڊ جو ??يئرمين عاطف آر بخاري به ملاقات ۾ موجود هئا. وزيراعظم ميڊيا آفيس موجب وزيراعظم عمران خان اينڊريو فورسٽ جي آجيان ڪئي ۽ کيس ڪورونا وبا جي تناظر ۾ ملڪ جي اقتصادي بحالي ۽ موجوده حڪ??مت جي سيڙپڪار دوست پاليسين جي باري ۾ آگاهه ڪيو. هن سمارٽ لاڪ ڊائونز جي ذريعي ڪورونا جي وبا کي روڪڻ جي حڪ??متي حڪ??ت عملي ۽ احساس پروگرام جي ذريعي ڪروڙ غريب ماڻهن کي امداد جي فر??همي جي باري ۾ به ٻڌايو. ان موقعي تي اينڊريوفورسٽ حڪ??مت پاڪستان طرفان ڪورونا وائرس جي وبا کي منهن ڏيڻ لاءِ اختيار ڪيل پاليسي کي ساراهيو.