اسلام آباد – 09 آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان ڪورن?? پارڪ ۾ ٻوٽو لڳائي ملڪ جي سڀ کان وڏي وڻڪاري مهم جو افتتاح ڪي??. ا?? موقعي تي ٽائيگر فو??س جي رضاڪارن ۽ شهرين جي وڏي انگ شرڪت ڪئي. شهرين ۽ ٽائيگر فو??س جي ميمبرن مختلف ٻوٽا لڳايا. حڪومت 9 آگسٽ تي سڄي ملڪ ۾ ٽائيگر فو??س جو ڏينهن ملهائڻ جو اعلان ڪيو هو ۽ 10 بلين ٽري سونامي پروگرام تحت 10 لک کان وڌيڪ رضاڪارن سان گڏ ٻوٽا لڳائڻ جو فيصلو ڪيو ويو هو. منصوبي تحت خيبرپختونخواهه ۾ 20 لک، پنجاب ۾ 11 لک 90 هزار، سنڌ ۾ 3 لک، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 57 هزار، بلوچستان ۾ 15 هزار ۽ گلگت ۾ 11 هزار 500 ٻوٽا لڳائڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو.