اسلام آباد – 04 آگسٽ (اي پي پي) گذريل سال 5 آگسٽ تي ڀارت پاران غيرقانوني ڀارتي والاريل ڪشمير جي خاص حيثيت جي خاتمي ذريعي ان علائقي ۾ مسلمان اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪرڻ جي ڀارتي اراد?? جي خلاف پاڪستان عالمي سطح تي ڀرپور سفارتي مهم هلائي. ان مهم ذريعي ع??لمي برادري ۽ عالمي ادارن کي ڀارت جي غيرجمهوري ۽ انساني حقن ۽ عالمي قانون?? جي خلاف ڪڌن قدمن کان آگاهه ڪيو ويو. ڀارتي غيرقانوني ارادن کي جانچيندي والاريل ڪشمير جي صورتحال کي ع??لمي سطح تي اجاگر ڪرڻ جي لاءِ پهرين آگسٽ 2019ع تي پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس کي هڪ خط لکيو جنهن ۾ والاريل ڪشمير ۾ انساني حق?? جي وڌندڙ سنگين خلاف ورزين، سري نگر ۾ اضافي فورسز مقرر ڪرڻ جي حوالي سان ڀارتي جي امڪاني غيرقانوي قدمن کان آگاهه ڪيو ويو ۽ گڏيل قومن تي واضح ڪيو ويو ته پاڪستان ڪنهن به اهڙي ممڪن ڀارتي قدم جي ڀپرور مخالفت ڪندو جنهن سان والاريل ڪشمير ۾ آبادي جي تناسب ۾ تبديلي ڪري سگهجي. پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي 5 آگسٽ تي ڀارتي غيرقانوني قدم ۽ ان کانپوءِ خطي ۾ امن اما?? جي درپيش خطرن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان پاران عالمي سطح تي سفارتي ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون ۽ 40 کان وڌيڪ ملڪ?? جي پرڏيهي وزيرن سان رابطو ڪيو ۽ انهن کي ڊوميسائيل قاعدن ۾ تبديلي ذريعي والاريل ڪشمير ۾ آبادياتي تناسب تبديل ڪرڻ جي ڀارتي ڪوششن کان آگاهه ڪيو. ان کانسواءِ پرڏيهي وزير سيڪيورٽي ڪائونسل ج?? صدر ۽ گڏيل قوم?? جي سيڪريٽري جنرل کي خط لکيا ۽ انهن کي ڀارتي ارادن کان آگاهه ڪيو.