اسلام آباد – 30 جولاءِ (اي پي پي) سينيٽ دهشتگردي جي خاتمي بابت ترميم?? بل 2020ع ۽ گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي. سينيٽ جي اجلاس ۾ وزيراعظم جي پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر باب?? اعواڻ وفاقي گهرو وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته دهشتگردي جي ايڪٽ 1997ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل دهشتگردي جي خاتمي (ترميمي) بل 2020ع تي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. سينيٽ رٿ جي منظوري ڏني جنهن ??ان??وءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو، چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان ??نظوري ڏئي ڇڏي. پارلياماني معاملن واري صلاحڪار ڊاڪٽر باب?? اعواڻ پرڏيهي وزير پاران رٿ پيش ڪئي ته گڏيل قومون (سيڪيورٽي ڪائونسل) ايڪٽ 1948ع ۾ وڌيڪ ترميم ڪرڻ جو بل گڏيل قومن (سيڪيورٽي ڪائونسل) (ترميمي) بل 2020ع اسٽينڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ڪيل صورت ۾ فوري طور تي غور هيٺ آندو وڃي. ايوان رٿ جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن ??ان??وءِ هن اهو بل ايوان ۾ پيش ڪيو. چيئرمين شقوار منظوري لاءِ بل ايوان ۾ پيش ڪيو، جنهن جي ايوان اڪثريت راءِ سان ??نظوري ڏئي ڇڏي.