اسلام آباد – 24 جولاءِ (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز چيو آهي ته دنيا جي سامهون سڀ کان وڏي جمهوريت جي دعويٰ ڪندڙ مودي سرڪار ٻڌائي ته معصوم ڪشميرين تي ظلم، بربريت، جبري گمشدگيون، عورتن جي عص??ت دري، عورتن، ٻارن ۽ بزرگن کي پيلٽ گنن جي ذريعي نابين بڻائن ڪهڙي جمهوريت آهي، وزيراعظم عمران خان جي سربراهي ۾ اسان ڪشمير مسئلي کي سمورن عالمي فورمن تي اجاگر ڪرڻ لاءِ سموريون ڪوششون استعمال ۾ آڻينداسين، پاڪستان خودمختياري واري حق کي حاصل ڪرڻ تائين ڪشميرين جي سياسي، س??ارتي، اخلاقي حمايت جاري رکندو. هو اطلا??ات ۽ نشريات واري وزارت جي اهتمام هيٺ ڪشمير گ??ير??ءُ ۾ جي عنوان سان سيمينار کي خطاب ڪري رهيو هو.