لاهور – 30 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف اهو سمجهن ٿا حڪومت ڪامياب ٿي ته انهن جو پئسو پڪڙيو ويندو، ملڪي مافياز کي فڪر لڳي وئي آهي ته اسان ڪامياب ٿي وياسين ته مخالف ڌر جي سياست ختم ٿي ويندي، ملڪ مشڪل وقت مان ٻاهر نڪري آيو آهي، گهٽ عرصي ۾ ??نج??ب ۾ سڌارا سڀ کان وڌيڪ آيا آهن، ٽن هفتن جي محنت کانپوءِ بهترين ٽيم ??نج??ب ۾ آندي آهي جنهن سان پراڻي ۽ نئين ??نج??ب ۾ توهان کي فرق نظر ايندو، سموگ جي روڪٿام لاءِ ٻاهرئين ملڪن مان صاف تيل د??آمد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي، يورو 4 پيٽرول د??آمد ڪنداسين، 2020ع جي آخر تائين يورو 5 پيٽرول تي منتقل ٿي وينداسين، لاهور ۾ 60 هزار ڪينال تي ٻيلا هڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي جنهن سان ماحولياتي آلودگي تي ضابطو آڻڻ ۾ مدد ملندي. هو وزيراعليٰ هائوس لاهور ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪري رهيو هو.