اسلام آبا?? – 27 فيبروري (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صدارت ۾ آدمشماري تيارين جو جائزو وٺڻ بابت اجلاس ٿيو. پاڪستان بيورو شماريات ??ي سربراهه وفاقي وزير کي تيارين بابت بريفنگ ڏني ۽ چي?? ته فيلڊ ورڪ تيزي سان ڪيو پيو وڃي ۽ ڳڻپ جو سامان ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پهچايو پيو وڃي. هن وڌيڪ چ??و ته سيڪيورٽي عملي جي مقرري سميت سمورا انتظام مقرر وقت ۾ مڪمل ڪيا ويندا. هن چي?? ته لاڳاپيل عملي جي تربيت مڪمل ٿيڻ جي ويجهو آهي ۽ انهن کي لاڳاپيل ڳڻپ بلاڪس ۾ مقرر ڪيو ويندو. هن پاڪستان شماريات ??يورو پاران آدمشماري ۽ گهرشماري جي حوالي سان ماڻهن ۾ آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڪيل اشتهاري مهم کا?? پڻ آگاهه ڪيو.