لڪسمبرگ-17 آڪٽوبر (اي پي پي)آمريڪي ناڻي واري و??ير جينيٽ ييلن چيو آهي ته سندس ملڪ هڪ ئي وقت ٻن محاذن تي جاري جنگين لا??ِ مالي مدد فراهم ڪرڻ جي صلاحيت رکي ٿو. برطانوي خابرو اداري اسڪائي نيوز کي انٽرويو ۾ هن چيو ته آمريڪا سمنڊ پار پنهنجي مفادن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لا??ِ يوڪرين ۽ اسرائيل ٻنهي جي هڪٻئي سان مدد ڪرڻ جي اهليت رکي ٿو ۽ ان مقصد لا??ِ سندس و?? چڱا خاصا وسيلا موجود آه??، هن چيو ته آمريڪا يقيني طور تي اسرائيل سان گڏ بيٺل هجڻ ۽ اسرائيل جي فوجي ضرورتن جي حمايت ڪرڻ جي سٽ سهي سگهي ٿو ۽ اسان روس خلاف ان جي جدوجهد ۾ يوڪرين جي حمايت به ڪري سگهون ٿا ۽ ضرور ڪنداسين، تنهن هوندي به وچ اوڀر ۾ هڪ هڪ وڏي جنگ جي امڪاني معاشي اثرن جو مڪمل ڪاٿو لڳائڻ هن وقت ممڪن ناهي، آمريڪي ناڻي واري و??ير چيو ته اسان کي اسرائيل ۽ يوڪرين ٻنهي لا??ِ فنڊ گڏ ڪرڻ جي ضرورت آهي، آمريڪي پرڏيهي کاتي جي انسپيڪٽر جنرل جي آفيس موجب آمريڪا پهرين ئي يوڪرين لا??ِ گهٽ ۾ گهٽ 113 ملين ڊالرن جي امداد جي منظوري ڏئي چڪو آهي. واضح رهي ته آمريڪي شهرين ۾ يوڪرين جي فوجي امداد لا??ِ آمريڪي فنڊن جي فراهمي جي مخ??لف?? ۾ به اضافو ٿي رهيو آهي.