اسلام آباد – پهرين ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سا?? سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي ۽ بلوچستان جي وڏي وزير عبدالقدوس بزنجو ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ بلوچستان جي تر??ي خاص طور تي گوادر لاءِ بجلي جي فراهمي ۽ تر??يا??ي ڪمن جي جلد کان جلد تڪميل بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪ??ي وئي. ان موقعي تي صوبي کي سردي جي موسم ۾ گئس جي بنا رنڊڪ فراهمي ۽ ڪوئيٽا ڪراچي شاهراهه جي تعمير بابت معاملا به بحث هيـٺ آيا.