اسلام آباد – 22 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته حڪومت محدود وسيلن جي باوجود ڪورونا جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو، واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏني وڃي ته جيئن بجيٽ جو خسارو گهٽ ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکي سگهجن. اهڙن خيالن جو اظهار هن لاهور چيمبر آف ڪامرس اين?? ا??ڊسٽري (ايل سي سي آءِ) جي هڪ وفد ڳالهائيندي ڪيو جنهن چيمبر جي صدر ميان نعمان ڪبير جي قيادت ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته حڪومت واپارين کي ??سق??بقتي ۽ منصفاڻو ڪاروباري ماحول فراهم ڪرڻ جي لاءِ پرعزم آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيترائي قدم کنيا ويا آهن. هن وڌيڪ چيو ته محدود وسيلن جي باوجود حڪومت ڪوويڊ 19 جي وبا جي دوران ڪاروباري برادري ۽ معاشري جي ڪمزور طبقن کي وڌ کان وڌ ريليف فراهم ڪيو. هن ايل سي سي آءِ تي زور ڏنو ته اها واپارين کي ٽيڪس ادا ڪرڻ جي ترغيب ڏيڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري ته جيئن بجيٽ جي خساري کي گهٽ ڪري سگهجي ۽ ترقياتي ڪمن جي لاءِ وڌيڪ فنڊز رکيا وڃن. وفد حڪومت جي معاشي ڪارڪردگي خاص طور ت?? ا??ڳاڙين جي وصولي ۽ پرڏيهي مٽاسٽا جي ناڻي ۾ اضافي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان موقعي تي وفد جي ميمبرن صدر کي پنهنجي مسئلن کان به آگاهه ڪيو. صدر يقي?? ڏياريو ته انهن جي شڪايت جي ازالي لاءِ هر ممڪن تعاون ڪيو ويندو.