اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين پاڪستان مسلم ليگ (ن) لاهور جي صدر ۽ قومي اسيمبلي جي ميمبر پرويز ملڪ جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ اف??وس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پرويز ملڪ جي لاڏاڻي جو ٻڌي انتهائي ڏ?? ٿيو، مرحوم انتهائي نفيس، ملڻو جلڻو ۽ محبت ڪندڙ شخص هو، هن دعا ??ئي ته الله تعاليٰ مرح??م جي مغفرت فرمائي ۽ پوئينرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.