اسلام آباد-16 سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان روس سان واپار ۽ ت??انائ??ءَ جي حوالي سان ٻه طرفي سهڪار کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن اهم علائقائي ۽ عالمي معاملن تي مشاورت جو سلسلو جاري رکڻ تي پڻ اتفاق ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس مطابق شاهه محمود قريشي خميس ڏينهن دوشنبي ۾ منعقد شنگهائي سهڪار تنظيم جي سربراهي اجلاس جي موقعي تي روس جي هم منصب سرگئي لاروف سان ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ٻه طرفن ناتن، مختلف شعبن ۾ ٻه طرفي سهڪار کي هٿي وٺرائڻ ۽ علائقائي صورتحال تي غور ويچار ڪيو ويو. پرڏيهي وزير روس جي پرڏيهي وزير کي اپريل 2021ع ۾ ڪيل پاڪستان جي دؤري جو حوالو ڏيندي چيو ته روس سان ٻه طرفه ناتا پاڪستان جي پرڏيهي پاليس??ءَ جي ترجيحات ۾ شامل آهن. پاڪستان، روس سان واپار، سيڙپڪاري، توانائي، دفاع، عوام جي سطح تي را??طن سميت اهم علائقائي ۽ عالمي فورمز تي ناتن جي استحڪام لاءِ پُرعزم آهي. پرڏيهي وزير چيو ته پ??ڪستان، خطي ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ افغانستان ۾ امن کي اڻٽر سمجهي ٿو. موجوده صورتحال ۾ ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته افغانستان ۾ انساني بنيادن تي خوراڪ ۽ دوائن جي فراهم??ءَ کي يقيني ب??ايو وڃي. ان نازڪ مرحلي تي افغان شهرين کي اڪيلو نه ڇڏيو وڃي، عالمي برادري افغانين جي معاشي ۽ انساني مدد لاءِ اڳيان وڌي. شاهه محمود قريشي چيو ته پ??ڪستان ماسڪو ۾ بين الحڪومتي ڪميشن فار واپار ۽ ٽريڊ جي جلد اجلاس منعقد ٿيڻ جو انتظار ڪري رهيو آهي، ان کان علاوه پ??ڪستان اسٽريم گيس پائپ لائن منصوبي کي جلد عملي جامو پهرائڻ لاءِ پُرعزم آهي. اي پي پي/م – ش/ح – ق 19:39