اسلام آباد – 03 آگسٽ (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري سنڌ کانپوءِ پنجاب ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون ويون. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 67 فوتگيون ٿيون جنهن مان 35 فوتگيون وينٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾3 ه??ار 582 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وينٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 17 سيڪڙو، پشاور ۾ 28 سيڪڙو، لاهور 21 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 38 سيڪڙو مريض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪيسن جي تناسب جي لحاظ کان ايبٽ آباد ۾ 53، ڪراچي ۾ 57 سيڪڙو، پشاور ۾ 31 سيڪڙو ۽ اسلام آباد ۾ 35 سيڪڙو مريض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 49 ه??ار 798 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 13 ه??ار 107، پنجاب ۾ 19 ه??ار 752، خيبرپختونخواهه ۾ 9 ه??ار 116، اسلام آباد ۾ 3 ه??ار 492، بلوچستان ۾ 2 ه??ار 825، گلگت ??لتستان ۾ 936، آزاد ڪشمير ۾ هڪ ه??ار 570 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 9 لک 44 ه??ار 275 ٿي چڪو آهي. گگت ??لتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو ??ه مريض هن وقت وينٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وينٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 325 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 75 ه??ار 373 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 10 لک 43 ه??ار 277 آهي جن مان آزاد ڪشمير ۾ 25 ه??ار 34، بلوچستان ۾ 30 ه??ار 627، گلگت ??لتستان ۾ 8 ه??ار 318، اسلام آباد ۾ 88 ه??ار 344، خيبرپختونخواهه ۾ هڪ لک 45 ه??ار 306، پنجاب ۾ 3 لک 58 ه??ار 387 ۽ سنڌ ۾ 3 لک 87 ه??ار 261 مريض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 سبب فوت ٿيندڙن جو انگ 23 ه??ار 529 ٿي چڪو آهي.