حيدرآباد – 19 جون (اي پي پي) ضلعي انتظاميا حيدرآباد پاران حيدرآباد ڪلب قاسم آباد ۾ هڪ ڏينهن وارو ورچوئل مينگو شو منعقد ڪيو ويو. مينگو شو ۾ 20 کان وڌيڪ اسٽال لڳايا ويا جتي سنڌڙي، سنهري، سونارو، لال بادشاهه، بيگن پالي، زافران، انور رٽول ، آبوسي، زردالو، پتاشو، رتم گولو، ڪاروديسي، جامن، انوکا سردا، لنگڙو?? دسهري کان علاوه 100 کان وڌيڪ ??خت??ف قسمن جا انب نمائش ۾ ??کي?? ويا. واضح رهي ته ڊپٽي ڪمشنر حيدرآباد فواد غفار سومرو جي فيس بڪ پيج تان پڻ مينگو شو سڌو سنئون ڏسڻ لاءِ انتظام ڪيو ??يو هو. ورچوئل مينگو شو دوران آن لائن خصوصي طور خطاب ڪندي ڊويزنل ڪمشنر حيدرآباد محمد عباس بلوچ ضلعي انتظاميا حيدرآباد جي سٿ کي بهترين مينگو شو منعقد ڪرڻ تي سندن واکاڻ ڪئي ۽ چيو ته مينگو شو منعقد ڪرڻ جو مقصد ??نبن جي ??خت??ف قسمن کي متعارف ڪرائڻ آهي ۽ موجوده ڪورونا جي وبائي صورتحال جي ڪري ورچوئل پروگرام منعقد ڪيو ??يو آهي ته جيئن روايت کي برقرار رکي سگهجي ۽ انبن جي ??خت??ف قسمن کي متعارف ڪرائي وڌيڪ ناڻو ڪمائي سگهجي.