مري – 23 اپريل (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته سياحت پاڪستان جو مستقبل آهي، صحت ۽ ت??لي?? عوام جي سڀ کان وڏي ضرورت هوندي آهي، مري وانگر ٻين علائقن ۾ سياحتي مقام بنائينداسين، سياحت جي فروغ سان روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جي ناڻي سان وڌيڪ سيڙپڪاري حاصل ڪري سگهون ٿا، سياحت جي آمدني مان اسان پنهنجا ق??ض لاهي سگهون ٿا، مديني جي رياست جا اصول اختيار ڪرڻ سان غير مسلم به اڳتي نڪري ويا. هو مري ۾ ڪوهسار يونيورسٽي جي افتتاح جي موقعي تي خطاب ڪري رهيو هو. ان موقعي تي پنجاب جي وڏو وزير عثمان بوزدار ۽ قومي اسيمبلي ميمبر صداقت عباسي به خطاب ڪيو. وزيراعظم چيو ته صداقت عباسي جي تقرير مان ان جي جذبن جي عڪاسي ٿئي ٿي ۽ سندس جذبن جي سمجهه اچي ٿي ته جڏهن پوئتي پيل علائقن ۾ ترقياتي ڪم ٿي رهيا هجن، وڏي وزير کي به ان تي مبارڪباد پيش ڪريون ٿا. هن چيو ته ماضي ۾ حڪمرانن پنجاب هائوس جي مرمت ۽ رنگ روغن تي 83 ارب روپي?? خرچ ڪيا، اهو هڪ خاندان جي لاءِ هو، هاڻي اهو عوام جي لاءِ ڪم ٿي رهيو آهي، هن چيو ته ايتري وڏي آبادي تي مشتمل علائقو آهي جتي ڪا به اسپتال نه آهي، صرف نٿياگلي ۾ هڪ اسپتال آهي، جيڪا هتي جي آبادي ۽ سياحن جي ضرورت پورري نٿي ڪري سگهي، هن چيو ته هاڻي هتي 380 ڪينال تي جنرل اسپتال ٺهندي، ان سوچ تي پنجاب حڪومت ۽ صداقت عباسي کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو. هن چيو ته عوام جي سڀ کان وڏي خواهش اها هوندي آهي ته انهن جي صحت ۽ ت??لي?? جو خيال رکيو وڃي، جيڪڏهن ت??لي?? وڌيڪ ۽ هنرمند ماڻهو وڌيڪ هجن ته وڌيڪ آمدني ٿيندي، اها انفارميشن ٽيڪنالاجي جو دور آهي، نوجوان ميٽرڪ ڪرڻ کانپوءِ 6 مهينن جو ڪورس ڪري بهتر ڪمائي ڪري سگهن ٿا، وزيراعظم چيو ته ڪوهسار يونيورسٽي سياحت جو مستقبل آهي، ان سان سياحت کي فروغ ملندو، جيڪا قوم اڳتي جو سوچيندي آهي اها عظيم قوم بڻجندي آهي، مڪه ۾ قيدين کي قيد کان آزادي 10 مسلمانن کي ت??لي?? ڏيڻ سان مشروط ڪئي وئي ان سان ت??لي?? جي اهميت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو، وزيراعظم چيو ته ت??لي?? کانسواءِ ڪا به قوم ترقي نٿي ڪري سگهي، مون پورو پاڪستان ڏٺو آهي، دنيا ڏٺي آهي جيڪي نعمتون الله پاڪ پاڪستان کي ڏنيون آهن انهن جو جيترو ٿورو ادا ڪيون اهو گهٽ آهي، جيڪڏهن اسان صرف سياحت تي ڌيان ڏيون ته ايتري آمدني ٿي سگهي ٿي ته اسان پنهنجا ق??ض لاهي سگهون ٿا، اسان پنهنجو روانگي واپار ۽ مٽاسٽا جو ناڻو وڌيڪ ڪمائي سگهون ٿا.